ڪيجريوال جو زوال، مودي دهلي ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دهلي اسيمبلي جي چونڊن ۾ عام آدمي پارٽي کي وڏو ڌڪ لڳي ويو، اروند ڪيجريوال پنهنجي روايتي سيٽ هارائي ويو، جڏهن ته بي جي پي 27 سالن کانپوءِ دهلي جي تخت تي قبضي جي ويجهو پهچي وئي.
بي جي پي 70 مان 49 کان وڌيڪ سيٽن تي سرسي سان دهلي ۾ 27 سالن کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.
چونڊن ۾ ووٽر ٽرن آئوٽ 60.42 سيڪڙو رهيو، جيڪو 2020 جي ڀيٽ ۾ گهٽ هو، بي جي پي جي ان ڪاميابي کي دهلي جي سياست ۾ هڪ وڏو موڙ قرار ڏنو پيو وڃي.
دهلي جي ووٽرن عام آدمي پارٽي کي اقتدار مان ڪڍي ڇڏيو، جيڪا رڳو 23 سيٽن تي ڪامياب ٿي سگهي، جڏهن ته راهول گانڌي جي ڪانگريس هڪ سيٽ تي به ڪامياب نه ٿي سگهي.
2015 کان دهلي تي حڪمراني ڪندڙ عام آدمي پارٽي جا وڏا نالا به شڪست کائي ويا، اڳوڻو وڏو وزير اروند ڪيجريوال نئين دهلي جي سيٽ هارائي ويو.
هوڏانهن وزيراعظم نريندر مودي هڪ ٽوئيٽ ۾ دهلي چونڊن ۾ ڪاميابي جو اعلان ڪندي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.