لڌيانه (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مقامي عدالت بالي ووڊ اداڪار سونو سود جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ڀارتي ميڊيا موجب، پنجاب جي شهر لڌيانه جي عدالت مبينا فراڊ ڪيس ۾ اداڪار سونو سود جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، لڌيانه سان واسطو رکندڙ وڪيل راجيش کنا 10 لک رپين جي ٺڳي جو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ هن الزام هنيو ته مک جوابدار موهت شڪلا کيس جعلي سيڙپڪاري ڪرڻ جو لالچ ڏني.
عدالت سونو سود کي شاهديءَ لاءِ طلب ڪيو هو، پر هو پيش نه ٿيو، جنهن کانپوءِ لڌيانه جي جڊيشل مئجسٽريٽ سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا.
ڀارتي ميڊيا موجب، عدالت پوليس کي سونو سود کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
Prev Post
You might also like