دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽس جي رينڪنگ جاري، پاڪستان ڪهڙي نمبر تي آهي؟

2025 لاءِ دنيا جي طاقتور ترين پاسپورٽن جي رينڪنگ سامهون اچي وئي، جنهن ۾ سنگاپور کي دنيا جو طاقتور ترين پاسپورٽ رکڻ وارو واحد ملڪ قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب اها رينڪنگ هر سال ”هينلي پاسپورٽ انڊيڪس“ ذريعي جاري ڪئي ويندي آهي، سنگاپور جو پاسپورٽ دنيا جو طاقتور ترين پاسپورٽ بڻجي چڪو آهي، اها سنگاپور لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڇو ته گذريل سال به اهو پهرئين نمبر تي هو پر هن سال سنگاپور واحد ملڪ آهي، جيڪو پهرين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته گذريل سال فرانس، جرمني، اٽلي، جاپان ۽ اسپين به ان پوزيشن تي موجود هئا.
سنگاپور جو پاسپورٽ رکندڙ 193 ملڪن ۾ بنا ويزا جي سفر ڪري سگهن ٿا.
رينڪنگ ۾ ٻئي نمبر تي جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏيل طور تي موجود آهن. انهن ملڪن جا شهري پنهنجي پاسپورٽ تي 190 ملڪن جو ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا.
ٽئين نمبر تي ڊنمارڪ، فن لينڊ، فرانس، جرمني، آئرلينڊ، اٽلي ۽ اسپين موجود آهن، انهن ملڪن جا شهري 189 ملڪن جو ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا.
چوٿين پوزيشن تي آسٽريا، بيلجيم، لڪسمبرگ، نيڊرلينڊ، ناروي، پرتگال ۽ سوئيڊن موجود آهن، انهن ملڪن جا شهري بنا ويزا جي 188 ملڪن ۾ سفر ڪري سگهن ٿا.
پنجين پوزيشن تي يونان، نيوزيلينڊ ۽ سوئٽرزلينڊ جو پاسپورٽ آهي، جنهن سان 187 ملڪن ۾ ويزا فري انٽري جو موقعو ملندو.
اهڙي ريت آسٽريليا ۽ انگلينڊ گڏيل طور تي ڇهين پوزيشن تي موجود آهن، انهن ملڪن جا شهري 186 ملڪن ۾ ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا.
ڪينيڊا، هنگري، مالٽا، پولينڊ ۽ جمهوريا چيڪ گڏيل طور تي ستين پوزيشن تي آهن، انهن ملڪن جا شهري 185 ملڪن جو ويزا فري سفر ڪري سگهن ٿا.
اسٽونيا ۽ گڏيل عرب امارتن جو پاسپورٽ رينڪنگ ۾ اٺين پوزيشن تي آهي، جنهن سان شهري 184 ملڪن ۾ ويزا فري انٽري جو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڪروشيا، لاتويا، سلواڪيا، سلوينيا ۽ آمريڪا نائين پوزيشن تي آهن، انهن ملڪن جي پاسپورٽن تي 183 ملڪن جو ويزا فري سفر ڪري سگهجي ٿو.
آئس لينڊ ۽ لٿوانيا ڏهين پوزيشن تي آهن، جن جا پاسپورٽ 182 ملڪن ۾ ويزا فري انٽري جي سهولت فراهم ڪن ٿا.
فهرست ۾ پاڪستان جو ڪهڙو نمبر آهي؟
2025 جي تازي ترين رينڪنگ موجب پاڪستان جو نمبر 96 آهي، پاڪستاني شهري پنهنجي پاسپورٽ سان 32 ملڪن ۾ ويزا فري انٽري حاصل ڪري سگهن ٿا.
بدترين رينڪنگ وارا ملڪ:
جيڪڏهن پاسپورٽ جي بدترين رينڪنگ جو ذڪر ڪجي ته سڀ کان آخري نمبر افغانستان جو آهي. ان کانپوءِ ترتيب وار شام، عراق، يمن، پاڪستان، صوماليا، نيپال، فلسطين، لبيا، بنگلاديش، اتر ڪوريا، ايريٽريا، سوڊان، ڏکڻ سوڊان ۽ لبنان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.