ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل نون فنڪارن کي صلاح ڏني آهي ته هو انسٽاگرام بدران وڏي پردي تي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڌيان ڏين.
هڪ انٽرويوءَ دوران اميشا پٽيل فلم انڊسٽري ۾ وقت سان گڏ ايندڙ تبديلين تي ڳالهايو. هن پنهنجي دور ۽ هاڻوڪي دور جي اداڪارن جي وچ ۾ فرق کي اجاگر ڪندي اسڪرين تي بهترين پرفارمنس جي اهميت تي زور ڏنو.
هن چيو ته سندن دور ۾ اداڪارن جي ڌيان جو مرڪز فيشن ۽ دنياوي رجحان نه پر سندن اداڪاري ۽ صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ هوندو هو.
سپر هٽ فلم ”ڪهو نا پيار هي“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ اميشا پٽيل جو چوڻ هو ته هوءَ سمجهي ٿي ته سندس زمانو حقيقي دنيا سان وڌيڪ جڙيل هو.
هن وڌيڪ چيو ته ان دور جا فنڪار، شاهه رخ خان سميت سلمان خان، پريتي زنٽا، راني مکرجي، ڪرينا ڪپور ۽ ٻيا سڀ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندا هئا ۽ انهن لاءِ ڪئميرا جي سامهون بهترين پرفارمنس ڏيڻ ئي سڀ کان وڏي ترجيح هئي.
اميشا پٽيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته نون اداڪارن کي سوشل ميڊيا تي متحرڪ رهڻ بدران پنهنجي مهارت کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
You might also like