ڪنڌڪوٽ ۾ ڏوھارين سان مقابلي ۾ پوليس اھلڪار شھيد

غوثپور/ ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالجبار/ ممتاز سنڌي) جمال واري علائقي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن دوران مقابلي ۾  ھڪ پوليس اھلڪار شھيد ٿي ويو، جمال جي علائقي ۾ پوليس ڏوھاري گينگ خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران پوليس اھلڪار  مظھر مشوري سخت زخمي ٿي پيو. کيس اسپتال نيو پئي ويو رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي زندگي جي جنگ ھارائي ويو، شھيد جو مڙھ سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو ويو، جتان  پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو، نوجوان شھيد اھلڪار جو لاش گھر پھچڻ تي سوڳ جو ماحول بڻجي ويو، واقعي بعد ايس ايس پي جي ھدايت تي جمال ۾ وڌيڪ نفري گھرائي وئي جنهن بعد به پوليس ۽ ڏوھارين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري رھيو، پوليس مٿان ڏوھاري سڌي فائرنگ ڪندا رھيا، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي زبير نظير شيخ چيو ته شھيد جي موت قوم جي حيات آهي.

، ڏوھارين جو خاتمو اچڻ وارو آهي شھيد جو خون رنگ لائيندو، شھيد اھلڪار جو بدلو ورتو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.