ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽو سجاول روڊ تي شُگر مِل ڀرسان سرڪاري نمبر پليٽ واري ايس پي جي ويگو گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، ايس پي جي سرڪاري نمبر پليٽ SPD 350 Police واري گاڏي گٽڪي ۽ مائي ۾ استعمال ٿيندڙ چُوري سان ڀريل ويگو گاڏي ٺٽي کان سجاول ويندي شگر مل ڀرسان ڪَلٽي ٿي پئي. پوليس ذريعن موجب سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي ايس پي جي آھي جيڪا ڪراچي جي آھي، ٺٽي کان سجاول وڃي رھي ھُئي، سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي ۾ گُٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ چورو ڀريل ھو، جيڪا گاڏي ڪلٽي ٿي پئي. ٻئي پاسي ٺٽو پوليس جي جاري ڪيل پريس رليز مطابق ٺٽو سجاول روڊ تي ڳجھي اطلاع تي ھڪ مشڪوڪ ريوو گاڏي جو پيڇو ڪيو ته گاڏي تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنھن تي پوليس جي جعلي نمبر پليٽ لڳل ھئي، پوليس ڪارروائي ڪندي گاڏي تحويل ۾ ورتي ۽ ھڪ جوابدار محمد انس ولد نادر ملڪ کي گرفتار ڪري ريوو گاڏي مان 740 ڪلو گٽڪا ۽ مائي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ۽ 1900 گرام چرس ھٿ ڪري ٺٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، پوليس موجب ابتدائي جاچ دوران گاڏي تي لڳل نمبر پليٽ جعلي آھي، گاڏي جو اصل نمبر CZ 3167 آھي، جيڪا گاڏي ڪراچي واسي محمد حنيف ولد گل محمد شاھ جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آھي.