حيدرآباد ( پ ر ) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ بنيادي انساني حق سڀ معطل آهن اظهار جي آزادي اڻ اعلانيل بندش آ ماڻهو سان ظلم ٿئي ٿو ته روڊن تي پنهجي پيارن جا لاش کڻي رکن ٿا ته به ايف آءِ آر سرڪار نه ٿي ڪري پوليس جا ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او ماڻهو سان زيادتي ڪن ٿا، هڙتالون ٿين ٿيون ماڻهو روڊن تي اچي احتجاجن رستا بلاڪ ڪن ٿا انهن کي انصاف نه ٿو ملي، حيدرآباد ۾ پوليس جي کُلي دهشتگردي جي خلاف وڪيلن جو احتجاج جاري آهي، حڪمران ايترا بيحس آهن جو ان ايس پي کي رڳو حيدرآباد ۾ رشوت خوري منشيات فروشي داداگيري کي هٿي ڏني وئي آهي، انهن لاقانونيت ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪيو آھي ان کي هٽائن بجاءِ ان ڏوهاري پوليس وارن کي اڃا به پروٽوڪول ڏئي عهدن تي ويهاريو ويٺا آهن، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو گهڻ طرفي ظلم جو شڪار آهن ۽ تباهي جي ذميوار حڪمران پيپلز پارٽيءَ آهي جنهن سنڌ جي اندر انڌ جو قانون مڙهيو آهي.