اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ جي باني پاران آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن بابت داخل ڪيل درخواست تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. آئيني بينچ عمران خان جي درخواست تي اٿاريل اعتراضن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ رجسٽرار آفيس کي هدايت ڪئي ته آئيني درخواست کي باضابطا نمبر الاٽ ڪيو وڃي.
ڊي چوڪ احتجاج ڪيس ۾ بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانتن ۾ واڌ
اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي عدالتن ۾ 26 نومبر احتجاج بابت بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ جي مختلف اڳواڻن خلاف داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جن ۾ ڪيترين ئي عبوري ضمانتن ۾ واڌ ڪئي وئي. رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 17 فيبروري تائين واڌ ڪئي وئي. ايڊيشنل سيشن جج عامر ضيا درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
مذهب کي ورهائڻ بدران متحد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي: بلاول
واشنگٽن (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي. واشنگٽن ۾ قومي نيرن واري تقريب دوران پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن تقريب ۾ آمريڪي اختيارين سميت سڄي دنيا جي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوامي رابطن کي مضبوط ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته مذهب کي ورهائڻ بدران متحد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هي نيرن بين المذاهب ڀائيچاري جو هڪ سٺو موقعو آهي، ماڻهن سان برابر جي سطح تي ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، هر مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي مڃي ٿو، ان ڪري هي قومي نه پر عالمي دعائيه تقريب آهي. پ پ چيئرمين ميڊيا کي ٻڌايو ته هن ڪانگريس ميمبرن سان به ملاقاتون ڪيون، هو هاڻي پرڏيهي وزير ناهي، تنهن ڪري سموريون ملاقاتون ذاتي حيثيت ۾ ڪيون آهن.
بلاول آمريڪا ۾ اسلام جو حقيقي پيغام پيش ڪيو: تحسين عابدي
ڪراچي( هه آئوٽ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سيده تحسين عابدي چيو آهي ته چيئرمين بلاول آمريڪي دعائيه تقريب ۾ اسلام جو حقيقي پيغام پيش ڪيو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بلاول پنهنجي والده محترمه بينظير ڀٽو جي روايت کي برقرار رکندي موثر سفارتڪاري ڪئي ۽ پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪيو.. سيده تحسين عابدي جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي ڇڏيندو.
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سان هنگري جي نائب بچاءَ واري وزير جي ملاقات
راولپنڊي (م ڊ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان هنگري جي نائب بچاءَ واري وزير ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران علائقي جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ بچاءَ جي شعبي ۾ ڀائيواري جا نوان موقعا ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. هنگري جي نائب بچاءَ واري وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج جي قربانين ۽ هٿياربندن فوج جي پيشيوراڻي مهارت جي ساراهه ڪئي.