حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ايس ايس پي فرخ لنجار کي هٽائڻ جي لاءِ وڪيلن جو لڳل ڌرڻو ٻئي ڏينهن 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود جاري رهيو، وڪيلن ڪنٽينر تي اسٽيج ٺاهي روڊ تي ٽينٽ هڻي ڇڏيا آهن. حيدرآباد جي ايس ايس پي کي هٽائڻ لاءِ وڪيلن جو باءِ پاس تي خميس جي ڏهاڙي تي منجهند جو 1 وڳي کان لڳل ڌرڻو ختم ٿي نه سگهيو آهي. ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي باءِ پاس تي ٽريفڪ جي آمدورفت بدستور بند بند آهي، ٽريفڪ ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاٿل رهيون. وڪيلن ۽ پوليس جي وچ ۾ تڪرار سبب سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر چئن ڏينهن کان متاثر آهي، گذريل ٻن ڏينهن کان مک شاهراهه بند ٿيل آهي جنهن سبب هزارين مسافر پريشان ٿي رهيا آهن، پر حڪومت گذريل ڏينهن رات دير تائين مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ ڪي اثرائتا قدم ناهن کنيا هئا، جنهن ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وئي. ان ڪري ٽنڊوالهيار جي وڪيل علي رضا بوزدار جي گاڏي چالان ٿيڻ تان پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي اچڻ بجاءِ روز وڌي رهي آهي. وڪيلن سيءَ ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل هئا. ڌرڻي ۾ وڪيلياڻيون به وڏي انگ ۾ موجود هيون.. ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڪيلن چيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين اسان سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ۽ نه ئي ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽايو ويو آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد پنهنجي ڪيل واعدي تان ڦري ويو. اسان ڪنهن به صورت ۾ ايس ايس پي کي هٽائڻ واري مطالبي تان پوئتي نه هٽنداسين. ايس ايس پي کي نه هٽايو ويو ته ٻيا مطالبا رکنداسين ۽ پوءِ حڪومت کي انهن مطالبن کي پورو ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اسان هن احتجاج کي تحريڪ جي صورت ۾ اڳتي وڌائينداسين. وڪيل اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد کانسواءِ ڪالهه ڊي آءِ جي حيدرآباد وڪيلن تي الزام هڻي پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ڪري ايس ايس پي سان گڏ ڊي آءِ جي حيدرآباد به ڪرسي تي ويهڻ جي لائق ناهي. ڌرڻي ۾ سنڌ بار ڪائونسل, هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر توڙي عهديدار موجود هئا.
ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) حيدرآباد ۾ وڪيلن جي حمايت ۾ سڄي سنڌ ۾ قانون دان سراپا احتجاج بڻيل آهن .ڄامشوري ۾ بھ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڄامشورو طرفان وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڊسٽرڪٽ بار کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايم نائين موٽر وي پيادل مارچ ڪيو، مھراڻ يونيورسٽي سامھو موٽر وي تي موڙ وٽ ڌرڻو ھڻي، انڊس ھاءِ وي، موٽر وي، انڊس ھاءِ وي تي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، ڪنڌڪوٽ حيدرآباد ۾ وڪيل برادري جي لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ ڊسٽرڪٽ بار ڪنڌڪوٽ پاران صدر عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. دادو ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران حيدرآباد ۾ وڪيلن جي ڌرڻي جي حمايت ڪندي سمورن وڪيلن دادو ۾ عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو جي جنرل سيڪريٽري علي بخش لنڊ، عبدالرسول عباسي، مفيد احمد ناريجو، منظور لغاري، سيده سنمبل ڪاظمي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد ۾ وڪيلن جي لڳل ڌرڻي جي حمايت ڪيون ٿا.ڪنڊيارو بار جي وڪيلن ڌرڻو هنيو. نواب شاھ جي وڪيلن پاران حيدرآباد جي وڪيلن سان اظهار يڪجهتي لاءِ نوابشاھ ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن ايڊووڪيٽ غلام مصطفی ڪورائي، ايڊووڪيٽ شاهنواز جمالي، ايڊووڪيٽ سنتوش ڪمار، ايڊووڪيٽ مختيار رند، ايڊووڪيٽ مشتاق خاصخيلي، ايڊووڪيٽ غلام سرور خاصخيلي، ایڊووڪيٽ سچل مجيب ماڇي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد پوليس وڪيل دوست سان ناانصافي ڪري ان تي ايف آئي آر داخل ڪئي آهي، حيدرآباد ۾ ايس ايس پي خلاف احتجاج ڪندڙ وڪيل برادري سان يڪجھتي طور سيوھڻ ۾ به وڪيل برادري عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو .حيدرآباد ۾ احتجاج ڪندڙ وڪيلن جي حمايت ۾ نوشهروفيروز ۾ به وڪيلن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو. نصيرآباد ۾ به بار پاران حيدرآباد م وڪيل برادري جي احتجاج جي حمايت ۾ محمد بخش واھوچو, محمد يوسف پتوجو, انور علي پنھور, عنايت تونيو, حاڪم علي چانڊيو, عبدالغفار پيرزادو, محمد علي شيخ ايشور لال, ممتاز منگي, مھراڻ خان پتوجو, اللـ بخش ڪانڌڙو, ساجد علي جتوئي, سابر حسين لغاري, دودو خان پتوجو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. گھوٽڪي جا وڪيل به روڊن تي نڪري آيا،وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري گهوٽڪي جي قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪيو . نواب شاھ بار جي وڪيلن پاران ايڊوڪيٽ مختيار رند حفيظ کوسو شاھنواز جمالي اقبال چانڊيو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالت ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو . لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . اوٻاوڙو ،ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج ڪيو ويو. ملير بار جي وڪيلن پاران عدالتي ڪم جو بائيڪاٽ ڪندي تالا لڳائي ڇڏيا، ملير ڪورٽ جي مک گيٽ آڏو سوين وڪيلن جو قومي شاهراهه تي ٽينٽ لڳائي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، ڌرڻي سبب ٻئي ٽريڪ بند ٿيڻ ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون، حيدرآباد جي وڪيلن جا فوري طور تي مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي . .
-
سنڌ ۾ پوليس ذريعي بادشاهت هلائي پئي وڃي،
حيدرآباد: قوم پرست ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن، استادن ۽ عام شهرين ڌرڻي ۾ پهچي وڪيلن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وڪيلن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ آيل سياسي اڳواڻن ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو صدر سيد زين شاهه، قومي عوامي تحريڪ جو صدر اياز لطيف پليجو، پورهيت مزاحمت جو صدر مسرور شاهه, ايس ٽي پي اڳواڻ هوت خان گاڏهي ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي ايس يو پي صدر سيد زين شاهه ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو آهي، ڌاڙيل ۽ ڏوهاري آزاد آهن, عام ماڻهو پوليس جي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهي. سنڌ جي سمورن ضلعن جا ايس ايس پيز لينڊ گريبر، منشيات ۽ ڊرگس ڊيلر ۽ ڪرپٽ بڻايا ويا آهن، هو حصا پتي وزيرن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کان ويندي حڪمران جماعت جي مٿين ليڊرشپ تائين پهچائين ٿا. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ سڀني لاءِ قانون برابر هئڻ گهرجي، وزيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، سردارن لاءِ هڪڙو قانون ۽ ٻي عوام ۽ وڪيلن لاءِ ٻيو قانون هجي، اهو ٻٽو معيار ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني ناھي. وزير، ايم پي ايز، اين اين ايز ۽ حڪومتي وڏيرا پنھنجون رياستون ٺاھي ويٺل آھن. پنھنجي پسند جا ايس ايس پيز ۽ ٻيا آفيسر مقرر ڪري انھن کان پنھنجا ناجائز ڪم وٺن ٿا. مخالفن خلاف انتقامي ڪاروايون ڪن ٿا. سمجهو ته سرداري نظام آهي. هڪڙي قبيلي جو سربراھه ويٺو آهي زرداري پنهنجي مرضي جي حڪومت ويٺو هلائي. سنڌ جو عوام پاڻ سڀ ان جي رعيت آهيون، سردار جي مرضي آهي وڻيس زمينون کڻي ڇڏي، وڻيس ماڻهن کي مارائي ڇڏي، وڻيس ته وڪيلن تي ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي. وڻيس ته سنڌ جي ماڻهن کي لڏائي ڳوٺ خالي ڪرائي ڇڏي، وڻيس ته ڪئنال ٺاهي ڇڏي، مسرور شاهه چيو ته هر حڪمران ۽ آمر خلاف وڪيل جدوجهد ڪندا آهن، سنڌ جا وڪيل بحريا ٽائون جي اسيرن، نواب ولي محمد جي شهيدن، سانگهڙ جي شهيدن ۽ ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سنڌو درياهه جي تحفظ جي لاءِ بيٺل نظر اچن ٿا، اڄ جڏهن وڪيلن تي وقت آيو آهي ته اسان کي هنن سان گڏ بيهڻو پوندو.
. هن چيو ته سرڪار سمجهي ٿي ته ڪاري ڪوٽ وارا جيڪڏهن ڪامياب ٿي ويا ته سنڌ جو عوام صحيح نموني سان وڏيرن ۾ هٿ وجهندو، ان ڪري حڪمران ايس ايس پي جي بدلي کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ضياءَ ۽ مشرف کي ڪاري ڪوٽ وارن لوڏي سگهن ٿا ته سنڌ جا هي حڪمران انهن جي سامهون ڪجهه به ناهن. هن چيو ته پوليس جو مورال ختم ٿيو آهي، سنڌ پوليس انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري ٿي.
-
پنجاب ڏانھن ڀاڄيون کڻي ويندڙ گاڏيون به ڦاٿل
حيدرآباد: وڪيلن جي ڌرڻي ۾ پنجاب ڏانھن سبزي کڻي ويندڙ ڪجھه گاڏيون به ڦاٿل آھن ، ڪجھه جانور کڻي ويندڙ گاڏيون به موجود آھن جن جا سنڀاليندڙ وڪيلن جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت کي مسئلو حل ڪرڻ جي اپيل ڪري رھيا ھئا .
-
وڪيلن جي جدوجھد جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا: نياز ڪالاڻي
حيدرآباد: جيئي سنڌ قومي محاذ(شھيد بشير خان) جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي, ڊپٽي آرگنائيزر سرفراز ميمڻ, مرڪزي آرگنائيزر فقير امداد منگي، پنھل ساريو، نصرالله ڪالادي، نجف لغاري ۽ اڪبر مڪول پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته حيدرآباد ۾ وڪيلن سان ٿيندڙ پوليس گردي خلاف وڪيلن جي جدوجھد جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.سنڌ اندر ڪيترو ئي جبر، ڏاڍايون ۽ ناانصافيون آهن. پوليس من مستيون ڪندي رھي ٿي.
. هنن چيو ته ھن ملڪ ۾ پوليس عوام جي خدمت نه پر حاڪم طبقن جي نوڪري ڪري سندن مفادن جي چوڪيداري ڪري ٿي.
-
پوليس ۽ وڪيلن ۾ نفسياتي جنگ به جاري
حيدرآباد: حيدرآباد پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ اعصابن کي متاثر ڪندڙ سرد جنگ جاري آهي. ڪالهه به ايس ايس پي فرخ لنجار آفيس پهتو ته آفيسرن سندس استقبال جي وڊيو رڪارڊنگ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته وڪيلن جي ڌرڻي ۾ هڪ بااثر ڪاموري جي پٽ پاران پوليس آفيسر جي تذليل ڪرڻ ۽ گاريون ڏيڻ واري وڊيو جي آڊيو رڪارڊنگ اسپيڪر تي هلائي وئي.
-
ڌرڻي ۾ اسپتال جي آڪسيجن واري گاڏي ڦاسي پئي
سيوهڻ(ن ع آ) سيوھڻ جي سڀ کان وڏي اسپتال سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پاران ڄاڻايو ويو آهي ته سيوھڻ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي آڪسيجن جي گاڏي حيدرآباد ۾ وڪيلن جي ڌرڻي ۾ ڦاٿل آهي جنهن ڪري سيوھڻ جي ھن وڏي انسٽيٽيوٽ اسپتال ۾ صرف ڪجهه ڪلاڪن جو آڪسيجن اسٽاڪ رھجي ويو آهي، جنهن بعد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ سيوھڻ ۾ داخل مريضن جي زندگي داءُ تي لڳل آهي . اھڙي صورتحال بعد سيد عبدالله شاھه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي پاران حيدرآباد ڌرڻي جي وڪيلن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته عبدالله شاھه انسٽيٽيوٽ اسپتال ۾ داخل مريضن جي زندگي داءُ تي لڳل آهي، ڇو ته آڪسيجن جي گاڏي ڌرڻي ۾ ڦاٿل آهي ۽ سندن وٽ صرف ڪجهه ڪلاڪن جو آڪسيجن اسٽاڪ بچيو آهي
-
ڪراچي بار پاران به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي بار پاران حيدرآباد جي وڪيلن جي حمايت ۾ سموران ماتحت عدالتن ۾ هڙتال ڪئي جنهن ڪري التوا هيٺ ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي .سٽي ڪورٽ جي اچڻ وڃڻ وارارستي بند ڪيا ويا، سائيلن سخت ڏکيائين کي منهن ڏنو،قيدين کي به عدالتن ۾ نه آندو ويو، سائيلن جو چوڻ هو ته اسان کي ڪيسن جو تاريخون وڏي مشڪل سان ملنديون آهن ، ملير عدالت جي وڪيلن به حيدرآباد جي وڪيلن جي حمايت ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو،جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، وڪيلن جو چوڻ هو ته اسان حيدرآباد جي وڪيلن جي حمايت ۾ ڌرڻو ڏنو آهي .پوليس ٽريفڪ کي قائد آباد چوڪ کان دائود چورنگي ۽ ملير هالٽ کان ماڊل ڪالوني تائين موڙي ڇڏيو .