بريٿ پاڪستان ڪانفرنس: سنڌو درياهه جي بحالي ملڪ لاءِ بهتر منصوبو قرار

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بريٿ پاڪستان جو مقصد موسمياتي تبديلي جهڙي چئلينج تي غور ڪرڻ آهي. اسلام آباد ۾ بريٿ پاڪستان ورلڊ ڪلائيميٽ ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تيڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاربن جي اخراج جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. سينيٽ چيئرمين ۽ وقتي صدر يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان هي جنگ اڪيلي سر نٿو وڙهي سگهي،  هوا، پاڻي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني پئي وڃي. احسن اقبال تجويز ڏني ته گڏيل قومون عالمي ماحولياتي ٽيڪس لاڳو ڪن ۽ ان ٽيڪس جي آمدني کي هڪ فنڊ لاءِ استعمال ڪيو وڃي جيڪو ڏکڻ ۾ ترقي پذير ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي مسئلن سان منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته اسان کي پنجاب ۾ موسمياتي لچڪ لاءِ هڪ جامع، مضبوط ۽ گهڻ رخو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي. سموگ جي خاتمي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا، موسمياتي تبديلي جي خاتمي جي منصوبن لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. خورشيد عالم چيو ته اسان وڌندڙ مسئلن، سخت موسمي تبديلين، پاڻي جي کوٽ ۽ ماحولياتي تباهي کي منهن ڏئي رهيا آهيون. تازي ٻوڏ ۾ جانين جو نقصان ۽ بنيادي ڍانچي جي تباهي گهر ڪري ٿي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي نقصان کان بچائڻ ۽ ٻيهر تعمير ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي. عبدالله فاضل چيو ته پاڪستان ۾ خاص طور تي ڪميونٽي هيٺئين سطح تي جوڳا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. نوجوانن کي تعليم ڏيڻ، اسڪولن جي نصاب ۾ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ اهم آهي. هن پاڪستان جي ليونگ انڊس پروگرام (سنڌو درياهه جي حفاظت ۽ بحالي واري پروگرام) کي مستقبل لاءِ پاڪستان جو بهتر منصوبو قرار ڏنو. لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي سيد بابر علي پاڻي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان جي پاڻي کي بچائڻ ڪيترو ضروري آهي. فخر احمد چيو ته گهڻو ڪري ٽيڪنالاجي ڪمپنيون نيٽ زيرو ارادن ڏانهن وڌي رهيون آهن. بسڪيٽ ڪمپني جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر شاهزين منير عوام لاءِ سستي خوراڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته موسمياتي تبديلي هر ڪنهن جو مسئلو ناهي، هي بنيادي طور تي غريبن لاءِ هڪ مسئلو آهي ۽ اسان کي اها حقيقت مڃڻي پوندي. آگاهي ڏيڻ جو وقت گذري ويو آهي، حڪومت عوام کي سستي خوراڪ جي فراهمي ۾ مدد ڪري. ڊي اي آءِ برطانيا جي ڊآئريڪٽر ڪلائمينٽ اينڊ انوائرنمينٽ ڪيٽ ولسن چيو ته ڪلائميٽ فنانسنگ لاءِ ماحول جي خامين کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.