راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري کي پوليس حراست ۾ ورتو، کيس ٻن ڪلاڪن کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. فيصل چوڌري کي اڊيالا جيل ٻاهران حراست ۾ ورتو ويو هو. ذريعن موجب فيصل چوڌري هڪ ڏينهن اڳ جيل افيسر عمران رياض کي گارگند ڪيو هو جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو هو. فيصل چوڌري عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل پهتو هو.