ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ وڪڻڻ جي سازش ۾ سنڌ سرڪار به شامل آهي: عوامي تحريڪ

ٺٽو/ ميرپور ساڪرو/ ٻهارا (نمائندن وٽان) سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ طرفان 9 فيبروري تي مڪلي پارڪ کان ٺٽي تائين اعلانيل پيادل مارچ جون تياريون جاري آهن. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو گجو، گهارو، ميرپور ساڪرو، ٻهارا، ٻگهاڻ ۽ ور شهر سميت ٺٽي ضلعي جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا، پارٽي اجلاسن ۾ 9 فيبروري جي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ علائقن مان رٿابندي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن، وفاقي حڪومت سان گڏ سنڌ سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ کي وڪرو ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي، سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌين جو پاڻي بند ڪيو پيو وڃي، ڇهه نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ کي ريگستان ۾ تبديل ڪيو ويندو، هنن چيو ته پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ سبب سنڌ کي ساليانو اربين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي. ڪوٽڙي کان هيٺ ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ٺٽي، سجاول، بدين ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. آبي جيوت جا هزارين نسل خطري ۾ آهن، پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ خطري هيٺ آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڇهه نوان ڪئنال ٺاهي سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪينجهر ۽ هاليجي سميت سمورن پاڻي جي ذخيرن کي محفوظ بڻايو وڃي، ڪي فور رٿا کي ڪينجهر تباهه ڪرڻ جي رٿا قرار ڏيندي اڳواڻن رد ڪيو ۽ هنن مطالبو ڪيو ته ڪي فور رٿا کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.