پاڻي ۽ نالن جو مسئلو نازڪ آهي: خورشيد شاهه

سکر (م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ جي صورتحال هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي بهتر آهي. مهانگائي ڪجهه حد تائين گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ پرڏيهي پاليسي ۾ هميشه بهتري آئي آهي. پاڻي ۽ نالن جو مسئلو نازڪ آهي، سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نارا ڪئنال 2 ڪلوميٽر پڪو ٿي ويو آهي، هن سال روهڙي ڪئنال کي پڪو ڪنداسين، سکر بيراج مان نڪرندڙ ڪئنالن کي پڪو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪوريائي حڪومت سان گڏجي 62 ملين ڊالر سان اروڙ وٽ ٽراما سينٽر ٺاهينداسين. هن ڪي پي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪرم جون حالتون خراب ٿيڻ جو سبب اتان جي حڪومت آهي جيڪا وفاق تي ڌيان ڏئي رهي آهي پر ڪرم تي ناهي ڏئي رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.