ڪراچي (رپورٽر) جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ ٻه رڪني بئنچ پوليس پاران هراسان ڪرڻ ۽ رشوت وٺڻ بابت چيني شهرين جي درخواست واپس وٺڻ تي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ان الزامن جي جاچ لاءِ پهرين لاڳاپيل اٿارٽي وٽ وڃڻ بدران عدالت ڇو آيا؟ هي قومي مفاد جو ڪيس آهي، اوهان کي لاڳاپيل اداري ۾ وڃڻ گهرجي، پهرين آءِ جي وٽ وڃڻ گهرجي ها، درخواستگذار چيني شهرين جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت الزامن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، اسين مطمئن آهيون.