مومل جي ماڙي ( رپورٽ: يونس ڀٽو ) قدرتي وسيلن سان مالا مال گهوٽڪي ضلعي اندر 6 هنڌن تي قدرتي گيس جا وڏا ذخيرا موجود آهن جڏهن ته 4 بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ، 2 وڏا ڀاڻ جا ڪارخانا، 5 شگر ملون ۽ سون جي تعداد ۾ فلور ۽ رائيس ملون ڪم ڪري رهيون آهن، گهوٽڪي جا ڪارخانا روزانو جي بنياد تي ملڪي ناڻي ۾ اربين رپين جو اضافو ڪري رهيا آهن، غير سرڪاري مليل ڄاڻ مطابق ساليانو 27 ارب رپيا ٽيڪس جي مد ۾ ادا ڪيا وڃن ٿا، قدرتي ذخيرن جي گھڻائي۽ ڪارخانن جي ڪمائيءَ جي ڪري گھوٽڪيءَ کي امير ضلعو ڪوٺيو وڃي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته امير سڏجندڙ ۽ صنعتن سان مالا مال هن ضلعي جا ماڻهو ڪنگال آهن، صنعتي ادارن سالن کان وٺي گھوٽڪيءَ جي وسيلن جا خزانا پئي لٽيا آهن، پر مقامي ماڻهن جي ڀلائي، بهبودي، انهن جي صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي پورائي خاطر ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ٻه وڏا صنعتي ادارا، او.جي.ڊي.سي.ايل قادرپور ۽ ماڙي پيٽروليم ڏهرڪي آهن جن جي مجموعي پيداوار 1000 ملين ڪيوبڪ فوٽن کان مٿي آهي، جنهن جي ڪمائي ۽ بچت جو ڪاٿو اربين رپين ۾ ٿئي ٿو پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ايتري ڪمائي ۽ بچت جي باوجود اهي ڪمپنيون حڪومتي پاليسين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد به علائقي جي ترقي ۽ بهبوديءَ لاءِ نه هئڻ جي برابر خرچ ڪن ٿيون نتيجي ۾ مقامي ماڻهو ڪمپنين کا مايوس ٿي چڪا آهن ۽ صنعتن کي استحصالي سمجھڻ لڳا آهن. جيڪڏهن نظر ڊوڙائبي ته صنعتن جي آسپاس وارا علائقا بنيادي سهوليتن کان وانجهيل، هيڏي وڏي گيس جي ذخيرن باوجود ضلعي گهوٽڪي جا 70 سيڪڙو علائقا گيس جي سهولت کان محروم بڻيل آهن، گهوٽڪي جي ايشيا جي سڀ کان وڏي گئس فيلڊ او جي ڊي سي ايل قادرپور 5 ڪلو ميٽرويجهو تاريخي شهر مومل جي ماڙي سميت مختلف علائقا جديد دور ۾ گئس جي سهولت کان محروم بڻيل آهن جڏهن ته گهوٽڪي جو 80 سيڪڙو گئس پنجاب جي ڪارخانن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مومل جي ماڙي جي مختلف علائقن بخارا ٻيرڙي، علي مهر، ولو مهر، نيوي چڪ، ارباب ڪلادي، گهريو مهر، ڀاڃڙو سميت ٻين علائقن جا رهواسي پڻ گئس جي سهولت نه هجڻ ڪري رڌ پچاءَ ڪاٺين تي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، ٻي طرف مومل جي ماڙي جي 5 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي او جي ڊي سي ايل گئس فيلڊ پڻ موجود آهي. پر ان گئس فيلڊ جو گئس علائقي واسين کي ڏيڻ بدران 80 سيڪڙو گئس پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير کي فراهم ڪئي پئي وڃي،اهڙي ظلم ۽ ويڌن خلاف علائقي واسين ۽ مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن، مهراڻ سنڌي، غلام مصطفيٰ، هدايت الله ڪلادي، احسان ڪلادي، گل حسن ۽ ٻين عوامي آواز اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گهوٽڪي ضلعو قدرتي وسيلن سان مالامال ضلعو آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي جو گهوٽڪي مان نڪرندڙ گئس مان پنجاب جا ڪارخانا هلي سگهن ٿا پر هتان جي غريب ماڻهن جو چلهو نٿو ٻري سگهي، اهڙي ويڌن تي ضلعي انتظاميان ۽ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن، هنن وڌيڪ چيو ته هن جديد دور ۾ اسان ايشيا جي وڏي ۾ وڏي گئس فيلڊ او جي ڊي سي ايل ڀرسان هوندي ڪاٺين تي رڌ پچاءَ لاءِ مجبور بڻيل آهيون، گهوٽڪي جي علائقي واسين چيف جسٽس، وفاقي سرڪار ۽ سنڌسرڪار کان مطالبو ڪيو ته فوري طور مومل جي ماڙي سميت مختلف علائقن کي گئس نه ڏيڻ جو نوٽيس وٺي، سمورن علائقن ۾ گئس فراهم ڪئي وڃي.
اسان جي علائقي مان گئس نڪري ٿي پر اسان کي نه ٿي ملي، ڪاٺين تي رڌ پچاءَ لاءِ مجبور آهيون: علائقي واسي
مومل جي ماڙي: علائقي واسين ۽ مختلف سياسي، سماجي جي اڳواڻن مهراڻ سنڌي، غلام مصطفيٰ، هدايت الله ڪلادي، احسان ڪلادي، گل حسن ۽ ٻين عوامي آواز آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گهوٽڪي ضلعو قدرتي وسيلن سان مالامال ضلعو آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي جو گهوٽڪي مان نڪرندڙ گئس مان پنجاب جا ڪارخانا هلي سگهن ٿا پر هتان جي غريب ماڻهن جو چلهو نٿو ٻري سگهي، اهڙي ويڌن تي ضلعي انتظاميان ۽ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن، هن جديد دور ۾ اسان ايشيا جي وڏي ۾ وڏي گئس فيلڊ او جي ڊي سي ايل ڀرسان هوندي ڪاٺين تي رڌ پچاءَ لاءِ مجبور بڻيل آهيون، گهوٽڪي جي علائقي واسين چيف جسٽس، وفاقي سرڪار ۽ سنڌسرڪار کان مطالبو ڪيو ته فوري طور مومل جي ماڙي سميت مختلف علائقن کي گئس نه ڏيڻ جو نوٽيس وٺي، سمورن علائقن ۾ گئس فراهم ڪئي وڃي.