سنڌ حڪومت، وڪيلن سان ڳالھيون نه ڪري معاملو وڌائي رھي آھي  

حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس هڪ وڪيل روڪي کيس ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو.ڪار تي فينسي شيشا چڙھيل ھئڻ جو سبب ڄاڻائي مٿس ڪيس بھ داخل ڪيو ويو.جنھن بعد وڪيلن احتجاج ڪيو.آھستي آھستي احتجاج وڌي ويو، موٽ ۾ پوليس جي ڪجهه ايس ايڇ اوز موڪلن تي وڃڻ جون درخواستون ڏنيون، حڪومت پاران ڪنھن بھ سنجيدھ ڪوشش نھ وٺڻ جي ڪري وڪيلن پاران جاري احتجاج وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو، جنھن ڪري ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهن، حيدرآباد جي ڪورٽن ۽ ٿاڻن جو ڪم ڪارمتاثر ٿي رھيو آهي.

اربع واري ڏينهن ٽنڊوالهيار سان تعلق رکندڙ وڪيل علي رضا بوزدار جي گاڏي کي روڪي  گاڏي ۾ فينسي نمبر پليٽ ۽ ڪارا شيشا لڳل هجڻ جو الزام هڻي ڀٽائي نگر ٿاڻي تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو هو. اهڙي عمل خلاف وڪيلن احتجاج ڪري ايس ايس پي آفيس حيدرآباد ۾ داخل ٿي 17 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، ايس ايس پي تھ  پنهنجي آفيس ڇڏي هليو ويو، پر ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجي وڪيلن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف جي خاطري ڪرائي في الحال ڌرڻو ختم ڪرائي ايس ايس پي آفيس کي وڪيلن کان خالي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ته ٿي ويو، پر مسئلو حل نه ٿيو، بعد ۾ رکيل وڪيلن ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون به ڪامياب نه ٿي سگهيون.جنھن ڪري هڪ ڏينهن جي ماٺار کان پوءِ حيدرآباد جي سمورن وڪيلن احتجاجي تحريڪ کي هاءِ وي تي پهچائي ڇڏيو آهي.

سرڪار پاران ڪنھن ھاڪاري ڪوشش نھ ڪرڻ سبب مسئلو خراب ٿيندو پيو وڃي. لاڳاپيل ادارو توڙي وزير يا مشير هن معاملي کي حل ڪرائڻ ۾ دلچسپي نٿو وٺي. جيڪڏھن ڪي سنجيدھ ڪوششون ورتيون وڃن تھ معاملو ڳالھين ذريعي حل ٿيڻ جوڳو آھي، پرسنڌ حڪومت  يڪو ماٺ ڪري ويٺي آھي ۽ ھڪ  ننڍڙي معاملي کي  وڏو بڻائي ڇڏيو آھي.هڪ طرف وڪيلن احتجاج ڪيو ته ٻئي طرف وري پوليس وڪيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ انوکو طريقو اختيار ڪيو، حيدرآباد جي ايس پي هيڊڪواٽر جي 15 ڊي ايس پيز ۽ 24 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، 4 پوليس پوسٽن ۽ مختلف برانچن جي انچارجن ايس ايس پي آفيس پهچي موڪل جون درخواستون ڏيندي سبب ڄاڻايو ته وڪيلن جي احتجاج دوران پوليس خلاف سخت ٻولي ڳالهائي وئي آهي.جنهن ڪري سندن ۽ سندن اداري جي ساک متاثر ٿي آهي، کين هڪ مهيني جي موڪل ڏني وڃي.

ڪنھن بھ معاملي کي سمجھڻ جي لاءِ ھڪ عمومي تاثر ھوندو آھي ۽ ٻيو خصوصي. جئين عام طور تي اھو سمجھيو ويندو آھي تھ پوليس آئين ۽ قانون تي گھٽ عمل ڪري ٿي پر سياسي ڪمداري وڌيڪ ڪري ٿي، ساڳي ريت اھو بھ چيو ويندو آھي تھ پوليس امن امان کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ گھربل ڪوشش نھ ٿي وٺي،جنھن ڪري سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ ننڍين وڏين چورين سان گڏ ٻيا ڏوھ بھ عام جام آھن، پر جيڪڏھن ان کي خصوصي طور ڏسجي تھ يقينن پوليس جي اداري ۾ بھترين آفيس بھ ھوندا، اھي ڪم بھ ڪندا ھوندا پر ان جو معموعي طور تي سماج کي ڪو وڏو فائدو بھ پيو ٿئي.اھڙي ريت وڪيل برادري بابت بھ عام تاثر اھو آھي تھ اھي قانون جي مطابق ڪم ڪن ٿا، ڪي انھن ۾ ضرور غلط عمل جو بھ حصو ھوندا پر اھي اٽي ۾ لوڻ برابر ھوندا.وڪيلن ڏانھن سماج جو رويو منفي نھ ھئڻ برابر آھي.پر جئين تھ پوليس جي ساک اڳي ئي سٺي نھ آھي ان ڪري پوليس کي سماج ۾ ڪنھن بھ ريت ھاڪاري طور نٿو ڏٺو وڃي.ھاڻي جڏھن وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ تڪرار ۾ احتجاج بعد ھڪ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي وئي آھي تھ ان جو سبب رڳو وڪيلن جو اھو ھڪڙو ڪيس نھ آھي.

عوام ۾ اڳي ئي غربت، بيروزگاري، مھانگائي توري وڌندڙ بدامني خلاف ڪاوڙ ۽ جذبات موجود آھي.جنھن ڪري ڪنھن بھ قسم جو ڪو ننڍڙو احتجاج ڪيڏي مھل بھ وڏي احتجاج تحريڪ ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو.وڪيلن جي ھي تحريڪ ”پٿر پرائو سور سڀ ڪنھن پنھنجا“ واري ڳالھھ آھي.ان ڪري چئي سگھجي ٿو تھ وڪيلن جي تحريڪ تھ ھڪ موقعو ڏنو آھي، سنڌ جو عام ماڻھو جنھن سورن ۽ ڏکن مان گذري رھيو آھي ان ۾ ڪا بھ اھڙي شروعات وڏي احتجاج جي لاءِ جواز فراھم ڪري سگھي ٿو.جيڪڏھن اھو درست آھي تھ قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو  آھي تھ پوءِ پوليس سميت ڪو بھ سرڪاري عملدار بھ قانون ان مٿاھون نھ ھجڻ گھرجي، اڄ ڪالهه سوشل ميڊيا جو دور آھي ان ڪري ڪيتريون ئي اھڙيون دلچسپ رپورٽون ۽ وڊيوز روز سامھون اچن ٿيون،جنھن ۾ خود قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قانون جا بخيا اڊيڙيندا رھندا آھن.قانون جي عملداري سان ئي مسئلو حل ٿي سگھي ٿو، پر بدقسمتي سان ڪو بھ ادارو قانون ۽ آئين جي ڪتابن ۾ لکيل قانون تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.حقيقت ۾ اميرن جي لاءِ ھڪڙو ۽ غريبن جي لاءِ ٻيو قانون آھي.اھو ئي سبب آھي جو سماج ۾ ناھمواري مختلف مسئلن کي جنم ڏئي رھي آھي.وڪيلن جي احتجاج بابت ماڻھن جو چوڻ آھي تھ قانون جي آڙ ۾ پوليس جو رويو ماڻھن سان توھين وارو رھيو آھي. مختلف واقعن ۾تشدد جو نشانو بڻجندڙ ماڻهو بي پهچ هوندا آهن، تنهن ڪري اهي ته روڊ تي ويهي احتجاج به ناهن ڪري سگهندا، پر هن ڀيري پوليس جو ٽڪراءُ ھڪ اھڙي ڌر سان ٿيو آھي جيڪا ان کي منھن ڏيڻ جھڙي آھي.

حيدرآباد ۾ جاري ڌرڻي ۾ ٻين شھرن  ڪراچي، سانگھڙ،  ٽنڊوالھيار، نوابشاھه، بدين، ٽنڊو محمد خان، مٽياري،ڄامشورو ۽ ٻين علائقن جا وڪيل شريڪ ٿي رھيا آھن.جڏھن تھ حڪومت جي ڌر پاران ڳالھين جي لاءِ ايندڙ پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراھ  سان وڪيلن ڳالھين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وقت جي حڪومت جي ئي ذميداري ھوندي آھي تھ اھا ماڻھن جي ڏکن ۽ سورن کي ٻڌي ۽ انھن کي  ممڪن طور حل  ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پر جنھن نموني سان حڪومت ھن معاملي کي نظرانداز ڪري رھي آھي ان جو مطلب تھ اھو ئي آھي تھ حڪومت خود معاملي کي بگاڙي رھي آھي.ڪوشش ڪري ڳالھيون جو عمل جلد شروع ڪيو وڃي، جئين معاملو اڳيان نھ وڌي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.