6ڪئنال ٺھي ويا ته لکين ماڻھو بک ۽ اڃ وگھي مري ويندا: مظهر راهوجو/ ڪرڙ ريٻاري

ڊگھڙي /ميرپور گورچاڻي(نمائندا/ پ ر) چولستان سميت 6 ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ  پنجين ڏينھن ڊگھڙي کان شروع ٿيو جنھن جو ڪنگورو شاخ، ٻانڊي شاخ ۽ ميرواھ گورچاڻي سميت ننڍن وڏن اسٽاپن تي سوين ڳوٺاڻن گلن ۽ اجرڪن سان شاندار استقبال ڪيو، مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، انور نوحاڻي، ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، نثار ڀرڳڙي، ارباب نوحاڻي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، الطاف ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، وڪيل ذاڪر حسين لغاري، خادم سمون، رب ڏنو ملڪ، صديق اوٺو، انور فوجي، مقصود ڀرڳڙي، رازو ڪولھي ۽ ٻين ڪئي، مارچ  ٻيلھاڙو شاخ ۾ رات رھڻ بعد اڄ ميرپور خاص روانو ٿيندو، پيادل مارچ کي مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي مظھر راھوجي چيو ته چولستان سميت 6 ڪئنال ٺھي ويا ته لکين ماڻھو بک ۽ اڃ وگھي مري ويندا، حڪمرانن کي سنڌي ماڻھن جي پرواھ ناھي، ھي سنڌ جون اسپتالون، اسڪول، روڊ، نلڪا، گٽرن جا ڍڪڻ، ميرٽ، نوڪريون، جبل، زمينون، ڪوئلا، تيل، گئس سميت ھر شئي کائي ويا، ھاڻ درياھ کپائي رھيا آھن، ڪرڙ ريٻاري چيو ته سنڌيو پنھنجي بربادي کي روڪيو. سنڌو درياھ کي بچايو. 6 ڪئنالن کي روڪيو. سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاجن ۾ شامل ٿيو، انور نوحاڻي چيو ته سنڌو درياھ ته ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين، خادم سمون چيو ته سنڌ دشمن ڪئنال ٺھيا ته سنڌ ۾ پاڻي جو ڦڙو به نه ايندو، پيئڻ لاءِ ته ڇا غسل جي لاءِ به پاڻي نه ملندو، 10 سالن کانپوءِ سنڌ بيابان بنجي ويندي، ميڙاڪن کي نثار ڀرڳڙي، شوڪت نوحاڻي، ارباب نوحاڻي، الطاف ڀرڳڙي، راجيش ڪمار، وڪيل ذاڪر حسين لغاري، صديق اوٺو، مقصود ڀرڳڙي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.