سکر(رپورٽ: رستم انڍڙ) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ چيو آھي ته نيون چونڊون سياسي بحران جو حل ناهي، ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ نئين اليڪشن جا نتيجا اڳ کان به بدتر هوندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر لڳ مدرسي نورالهدا عربيه جي سالياڻي تحفيظ القرآن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته فلسطينين جي منتقلي۽ غزه جي حوالي سان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازو ڏنل بيان انتهائي مذمت جوڳو آھي، جنهن سان عالم اسلام ۾ ڳڻتي پکڙيل آھي، جيڪڏهن فلسطينين ۽اهل غزه کي لڏپلاڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته آمريڪا کي اهل اسلام جي سخت رد عمل کي منهن ڏيڻو پوندي، تقريب کي مولانا حزب الله جکرو، مير هزار خان لاشاري، ايڊووڪيٽ زبير حفيظ شيخ، مولانا سلطان احمد لاشاري، رضا الله گهمرو، مولانا رفيع احم ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.