تهران(ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪي پابندين تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي آمريڪا سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو .
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي آمريڪا جي نئين پابندين تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي آمريڪا سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران تي نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ کانپوءِ آيت الله خامنه اي بيان جاري ڪندي چيو ته آمريڪا سان ڳالهين جو ڪو به فائدو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ اسان لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، پر آمريڪا معاهدا ٽوڙي ڇڏيا.
ايراني سپريم ليڊر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا اسان جي سيڪيورٽي کي خطري ۾ وڌو ته اسان به ان جي سيڪيورٽي کي خطري ۾ وجهنداسين.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ ايران جي تيل جي واپار تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي ايران جي معيشت کي وڌيڪ دٻاءُ ۾ آڻي سگهن ٿيون.
You might also like