اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته بجلي جي شعبي ۾ جاري سڀني سڌارن ۽ منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، هن عزم ظاهر ڪيو آهي ته سڌارن جي ذريعي گھرو صارفين ۽ صنعتن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ آندي ويندي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ ٽن سالن لاءِ مقرر هدفن تي بريفنگ ڏني وئي.
شهباز شريف چيو ته الله جي ڪرم سان بجلي جي شعبي ۾ جاري سڌارن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.
هن چيو ته اسان عوام سان واعدو ڪيو هو ته کين گهٽ لاڳت واري ماحول دوست بجلي فراهم ڪنداسين، آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني ڪرڻ سان قومي خزاني کي فائدو ملي رهيو آهي ۽ بجلي جي اگهه ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.
وزيراعظم بجلي چوري جي خلاف جاري مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ان سان ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نقصان ۾ 100 سيڪڙو لاٿ آندي ويندي.
هن ٻڌايو ته نجي شعبي مان سٺي ساک وارا بورڊ ميمبر مقرر ڪرڻ سان تقسيم ڪار ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي رهي آهي.
اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2024 تائين بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ چوري جي روڪٿام واري مهم جي نتيجي ۾ اوڳاڙيون 93.26 سيڪڙو تائين پهچي ويون.
ان سان گڏ گردشي قرضن کي مرحليوار گهٽائڻ، بجلي جي ترسيل لاءِ مقابلي واري مارڪيٽ قائم ڪرڻ ۽ ٻين سڌارن بابت به تفصيل پيش ڪيا ويا.
اجلاس ۾ 500 ڪي-وي مٽياري-مورو-رحيم يار خان ۽ غازي بروٿا-فيصل آباد ٽرانسميشن لائن منصوبن تي به بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته نئين ڪمپني ” انرجي انفراسٽرڪچر، ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني (ايِ آءِ ڊي ايم سي )“ جي قيام بابت به ويچاريو ويو .
وزيراعظم شهباز شريف سڀني منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
You might also like