گذريل مهينو انساني تاريخ جو گرم ترين جنوري قرار، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

برلن (ويب ڊيسڪ) موسمياتي ماهرن جنوري 2025ع کي انساني تاريخ جو سڀ کان گرم جنوري قرار ڏنو آهي.
يورپي موسمياتي اداري ڪوپرنيڪس ڪلائمٽ چئينج سروس (سي سي سي ايس) جي رپورٽ موجب، جنوري 2025 ۾ سراسري عالمي گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ هڪ ڏهائي پنجهتر ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لانينا جي اثر باوجود عالمي گرمي پد ۾ ڪا گهٽتائي نظر نه آئي.
لانينا هڪ موسمياتي رجحان آهي، جيڪو بحر الڪاهل جي پاڻي جي گرمي پد کي گهٽائيندو آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ ايل نينو دوران سمنڊ جي گرمي پد ۾ واڌارو ٿيندو آهي، جيڪو عالمي موسمن تي اثر انداز ٿئي ٿو.
سي سي سي ايس جي ماهر سمنٿا برجز موجب، جنوري 2025 هڪ ٻيو حيران ڪندڙ مهينو رهيو، جنهن دوران گرمي پد جا نوان رڪارڊ قائم ٿيا ۽ گذريل 19 مهينن مان 18 مهينن ۾ گرمي پد 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ جي حد کان وڌي ويو.
سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن عالمي گرمي پد مسلسل 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ رهي، ته هيٽ وويو، سخت برساتن ۽ ڏڪار جي شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته 2025 گذريل ٻن سالن (2023 ۽ 2024) وانگر تمام گهڻو گرم نه هوندو، پر پوءِ به اهو انساني تاريخ جو ٽيون گرم ترين سال ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.