ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سونَ جي قيمت تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي قيمت ۾ 1346 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ويو، جنهن کان پوءِ في تولو سون 3 لک 46 هزار رپيا جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 1154 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 57 هزار 241 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 10 ڊالر واڌ سان ٻه هزار اٺ سئو اڻهٺ ڊالرز تي پهچي وئي آهي.
You might also like