راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني وڪيل فيصل چوڌري کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو.
پوليس ذريعن موجب، فيصل چوڌري کي ٻن ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي.
آزادي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري چيو ته هو اڄ عدالت حڪم تي باني پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ آيو هو، جتي چار وڪيل موجود هئا، پر ملاقات نه ڪرائي وئي، واپسي تي اڊيالا جيل جي دروازي وٽ پوليس اهلڪارن چوڪي تي سڏايو.
ان کان اڳ ذريعن ٻڌايو ته فيصل چوڌري کي جيل آفيسر عمران رياض سان منهن ماري ۽ گارگند ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو.
پوليس ذريعن موجب فيصل چوڌري کي گرفتاري بعد اڊيالا جيل چوڪي منتقل ڪيو ويو هو، جڏهن ته راولپنڊي پوليس جي واڌو نفري به اڊيالا جيل پهچي وئي هئي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن باني پي ٽي آءِ عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري جو اڊيالا جيل ۾ داخلا کان روڪڻ تي جيل عملي سان جهيڙو ٿي پيو، جتي هن جيل عملي سان منهن ماري ۽ گارگند پڻ ڪئي هئي.
You might also like