لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته بهترين فارم وارن کي پهرين ترجيح ڏيڻ کپي، خوشدل شاهه ۽ فهيم اشرف سٺي فارم ۾ آهن.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران محمد رضوان چيو ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اسڪواڊ سڀني جي سامهون آهي ۽ ضروري ناهي ته ان ۾ ڪا تبديلي ڪئي وڃي.
هن چيو ته بهترين ٽيم چونڊي وئي آهي، خوشدل شاهه جي تازي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي.
محمد رضوان جو چوڻ هو ته حالتن پٽاندڙ پليئنگ اليون جو فيصلو ڪنداسين، صائم ايوب جي کوٽ محسوس ٿيڻ سان گڏ وننگ ڪامبينيشن پڻ متاثر ٿيو آهي.
ڪپتان چيو ته ابرار احمد پهرين ترجيح آهي، تنهنڪري ٻين اسپنرز بابت نه سوچيو ويو. لاهور ۾ ماڪ پوڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ٻه اسپنر ڪم نه ايندا.
هن چيو ته بهترين فارم وارن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، خوشدل شاهه ۽ فهيم اشرف سٺي فارم ۾ آهن، لفٽ آرم اسپنر جي ضرورت هئي، جڏهن ته خوشدل شاهه بيٽنگ ۾ به سٺو آهي.
فخر زمان جي واپسي بابت محمد رضوان چيو ته هو بيمار هو، تنهنڪري ٽيم ۾ نه هو، ان کانسواءِ ٻيو ڪو خاص سبب نه هو.
هن اهو پڻ چيو ته گهڻو وقت ٿي ويو آهي جو لاهور ۾ ناهيون کيڏيا، چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ٽه ملڪي سيريز ۾ هتي کيڏڻ جو فائدو ٿيندو.
You might also like