لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 لاءِ چونڊيل اسڪواڊ تي اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ تجزيا نگارن خدشا ظاهر ڪيا آهن، خاص طور تي آل رائونڊر فهيم اشرف، خوشدل شاهه ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر عثمان خان جي سليڪشن تي سوال اٿاريا پيا وڃن.
2017 جي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ جڏهن پاڪستاني ٽيم سرفراز احمد جي اڳواڻي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، تڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ جي وڏي فتح کي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اثر جو نتيجو قرار ڏنو ويو هو.
پي ايس ايل جو پهريون ايڊيشن 2016 ۾ ٿيو، جڏهن ته 2017 جي چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح پاڪستاني ٽيم ۾ رڳو شاداب خان ئي اهڙو رانديگر هو، جيڪو پي ايس ايل جي ڪارڪردگي جي بنياد تي قومي ٽيم ۾ شامل ٿيو هو.
چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي پاڪستاني اسڪواڊ تي نظر وجهجي ته 15 رڪني ٽيم ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 رانديگر ملتان سلطانز سان تعلق رکن ٿا، جن ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ۽ ڪپتان محمد رضوان، عثمان خان، ڪامران غلام، طيب طاهر ۽ فاسٽ بولر محمد حسنين شامل آهن.
لاهور قلندرز جا 3 رانديگر شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف ۽ فخر زمان اسڪواڊ جو حصو بڻيا آهن، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم مان فهيم اشرف، سعود شڪيل ۽ اسپنر ابرار احمد چونڊيا ويا آهن.
اسلام آباد يونائيٽيڊ جا ٻه رانديگر آغا سلمان ۽ نسيم شاهه به اسڪواڊ ۾ شامل آهن، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز جو خوشدل شاهه ۽ پشاور زلمي جو بابر اعظم به ٽيم ۾ شامل آهن.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي ۽ ٽورنامينٽ جو پهريون ميچ 19 فيبروري تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.
Prev Post
You might also like