ڊوپ ٽيسٽ مثبت، 8 رانديگرن تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچڻ تي مختلف راندين سان واسطو رکندڙ 8 رانديگرن تي پابندي لڳائي ڇڏي، جڏهن ته 5 ٻين ايٿليٽس خلاف ڪارروائي جاري آهي.
رانديگرن تي پابنديون گذريل سال ورتل ٽيسٽن جي نتيجن اچڻ ۽ لاڳاپيل ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ لڳايون ويون.
پي ايس بي جي ترجمان موجب، 2024 ۾ ڪل 140 اينٽي ڊوپنگ ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 13 رانديگرن جا نتيجا مثبت آيا.
پابندي جو شڪار 8 رانديگر مختلف راندين سان واسطو رکن ٿا، جن ۾ 5 ويٽ لفٽنگ، 1 باڊي بلڊنگ، 1 سائيڪلنگ ۽ 1 ايٿليٽڪس سان تعلق رکي ٿو.
ويٽ لفٽنگ ۾ فرقان احمد تي 2 سال، جميل اختر ۽ محمد يوسف تي 3-3 سال، جڏهن ته غلام حسين شاهه تي 4 سال پابندي لڳائي وئي آهي، ارسلان رئوف کي 3 سالن لاءِ معطل ڪيو ويو.
سائيڪلنگ ۾ نتاليا خان ۽ ايٿليٽڪس جي اسپرنٽر انيس خان تي 3-3 سال جي پابندي مڙهي وئي، جڏهن ته باڊي بلڊنگ رانديگر ڪاشف شاهه کي چئن سالن لاءِ معطل ڪيو ويو.
شاٽ پٽ جي ايٿليٽ ماه نور ڊوگر ۽ مڊل ڊسٽنس رنر ربيلا فاروق جا ڊوپ ٽيسٽ به مثبت آيا، جن خلاف ڪارروائي جاري آهي.
ان کانسواءِ اسپرنٽر نويد انجم، ويٽ لفٽر ملڪ سبحان ۽ حماد علي کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
پي ايس بي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ادارو راندين ۾ شفافيت ۽ ڊوپنگ جهڙن غيرقانوني عملن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته اينٽي ڊوپنگ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ته جيئن مستقبل ۾ رانديگرن کي پابندي مڙهيل دوائن جي استعمال کان روڪي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.