اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جي معاملي تي چئن ججن چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو.
جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله خط لکيو.
خط ۾ 10 فيبروري واري جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته 26هين آئيني ترميم تحت قائم جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 10 فيبروري تي شيڊيول ٿيل آهي، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ جج 15هين نمبر تي هو، اسلام آباد بدلي ٿيڻ بعد هو سپريم ڪورٽ لاءِ ڪيئن اهل ٿي ويو؟
خط جي متن موجب، آئيني طور مشڪوڪ بدلي کانپوءِ هڪ جج سپريم ڪورٽ لاءِ ڪيئن اهل ٿي سگهي ٿو؟ قانون واضح آهي ته جيڪو سڌي ريت نه ٿي سگهي، اهو اڻسڌيءَ طرح به نٿو ڪري سگهجي.
خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته آئيني ترميم ڪيس جي فيصلي تائين نون ججن جي مقرري جو عمل روڪيو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ آئيني بينچ پاران فل ڪورٽ جي درخواستن تي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي، ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سينياريٽي طئي ٿيڻ تائين به جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي.
ججن خط ۾ وڌيڪ چيو ته 26هين ترميم ڪيس ۾ آئيني بينچ فل ڪورٽ جو فيصلو ڏئي سگهي ٿو، جيڪڏهن نوان جج اچي ويا ته فل ڪورٽ ڪهڙي هوندي ؟ اهو تڪرار بڻجندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي جج بدلي ٿيا، آئين موجب نون ججن لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيهر قسم کڻڻ ضروري هو، قسم کانسواءِ انهن ججن جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هجڻ مشڪوڪ ٿي وڃي ٿو، ان جي باوجود هتي سينياريٽي لسٽ تبديل ڪئي وئي.
خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آئيني ترميم جو ڪيس ترميم جي نتيجي ۾ ٺهندڙ آئيني بينچ ٻڌي رهي آهي، انڪري اهو معاملو فوري طور فل ڪورٽ ۾ رکڻ گهرجي، اڳ ۾ به آئيني ترميم جو ڪيس فل ڪورٽ ۾ رکڻ جو مطالبو ڪيو هو، پر آئيني بينچ ۾ به ڪيس گهڻي دير سان مقرر ڪيو ويو ۽ آئيني ترميم ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ ئي نون ججن جي مقرري لاءِ تڪڙ ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آئيني ترميم جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، ترميم مان فائدو وٺندڙ ججن جي اچڻ سان عوام جو اعتماد متاثر ٿيندو، آئيني بينچ جيڪڏهن فل ڪورٽ جي درخواستن کي منظور ڪري ٿي ته فل ڪورٽ ڪير جوڙيندو؟
Next Post
You might also like