آنن اُٻارڻ جو پراڻو طريقو هو غلط، ماهرن نئون ۽ صحيح طريقو ٻڌائي ڇڏيو

آنو پروٽين حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي، جنهن ۾ ڪيلشيم جي مقدار به گهڻي هوندي آهي، جڏهن ته ان ۾ وٽامن ڊي سميت ڪيترائي غذائي جزا به موجود هوندا آهن.
آنن کي پچائڻ آسان هوندو آهي ۽ مختلف طريقن سان انهن کي تيار ڪري سگھجي ٿو.
گهڻا ماڻهو اُٻاريل آنا کائڻ پسند ڪندا آهن، پر هاڻي سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته جيڪو طريقو عام طور آڻا اُٻارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، اهو ايترو بهتر ناهي.
اٽلي جي نيپلز فيڊريڪو يونيورسٽي جي سائنسدانن آنا اُٻارڻ جو هڪ مثالي طريقو دريافت ڪيو آهي، جنهن کي ”periodic cooking“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ڪميونيڪيشن انجينيئرنگ رسالي ۾ ڇپيل تحقيق موجب، ان طريقي سان آني کي پهريان سئو ڊگري سينٽي گريڊ گرم پاڻيءَ سان ڀريل ٿانوءَ ۾ رکبو آهي، پوءِ ٻن منٽن بعد ان کي 30 ڊگري سينٽي گريڊ تي رکيل ٿانوءَ ۾ وڌو ويندو آهي.
هي عمل 32 منٽن تائين جاري رهندو، جنهن دوران آنن کي 8 ڀيرا هڪ ٿانوءَ کان ٻئي ٿانوءَ ۾ منتقل ڪيو ويندو، جنهن سان آنن جي زردي تائين پهچڻ وارو گرمي پد 65 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ ناهي هوندو ۽ اهي بهترين نموني سان پچندا.
ماهرن هن تجربي کي پنهنجي دوستن ۽ گهر ڀاتين سان پڻ شيئر ڪيو، جن ان کي آزمائي پنهنجي معمول جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.
تحقيق ڪندڙن موجب، جيتوڻيڪ هي طريقو وقت وٺندڙ آهي، پر بهترين ذائقي لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.