دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل( آءِ سي سي) پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي لاءِ آفيشل ترانو جاري ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان سوشل ميڊيا تي چيمپيئنز ٽرافي جو آفيشل ترانو جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستان جي ناليواري گلوڪار عاطف اسلم ڳايو آهي.
هڪ منٽ، 39 سيڪنڊن تي ٻڌل هيءُ گيت ”جيتو بازي کيل ڪي “ نالي سان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جي وڊيو ۾ چيمپئنز ٽرافي ۾ حصو وٺندڙ هڙني ٽيمن جا جهنڊا پڻ ڏيکاريا ويا آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدار عاطف اسلم جي آواز ۾ رليز ٿيل آفيشل تراني کي تمام گهڻو ساراهي رهيا آهن.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان پاڪستان ۾ شيڊيول آهي، جيڪا ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ سبب هائبرڊ ماڊل تحت کيڏي ويندي.
ميگا ايونگ ۾ ڀارتي ٽيم جون سڀئي ميچون گڏيل عرب امارات ۾ رکيون ويون آهن.
You might also like