ڪينال جو پاڻي اوچتو ڳاڙهو ٿي ويو، ماڻهن ۾ خوف

بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا جي گاديءَ واري شهر بيونس آئرس جي ڀرپاسي هڪ ڪينال جو پاڻي اوچتو ڳاڙهو ٿي ويو، جنهن سبب مقامي ماڻهن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، امڪان آهي ته ٽيڪسٽائل رنگن جي ڊائي ڊمپنگ يا ويجهي ڊپو مان ڪيميائي گندگي واٽر چينل ۾ اڇلڻ سبب پاڻي جو رنگ تبديل ٿيو آهي.
ارجنٽينا جي ماحولياتي وزارت ڪينال مان پاڻي جا نمونا وٺي ڇڏيا آهن، جنهن جي جاچ کانپوءِ حقيقي سبب سامهون ايندا.
سوشل ميڊيا تي ڪينال جي ڳاڙهي پاڻي جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسٽائل ڪمپنيون زهر وارو فضلو واٽر چينل ۾ اڇلائين ٿيون، جنهن سبب ،مختلف بيماريون به پکڙي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.