صائم ايوب کي مڪمل فٽ ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ پي سي بي ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان بيٽر صائم ايوب کي مڪمل فٽ ٿيڻ ۾ ڏهه هفتا لڳي ويندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ صائم ايوب جي انجري بابت اَپ ڊيٽ ڏيندي چيو آهي ته هو ڏهن هفتن لاءِ ڪرڪيٽ نٿو کيڏي سگهي.
صائم ايوب کي 3 جنوري تي ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي انجري جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن ايم آر آءِ، ايڪسري ۽ ٻين ميڊيڪل رپورٽن جي بنياد تي کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، صائم ايوب اڳ کان بهتر محسوس ڪري رهيو آهي، پر سندس نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ چونڊ سندس فٽنيس تي دارومدار رکندي، ان دوران هو انگلينڊ ۾ پنهنجي ري هيب جاري رکندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ وائيٽ بال سيريز 16 مارچ کان 5 اپريل تائين کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.