گوگل ميپس استعمال ڪندڙ هي ڳالهيون ياد رکن

گوگل ميپس ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو گاڏين جي مالڪن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
نائين ٽو فائيو گوگل جي رپورٽ موجب، گوگل ميپس هاڻ نيويگيشن دوران واهپيدارن کي پنهنجي گاڏي جي آئڪون کي ڪسٽمائيز ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي.
چار سال اڳ گوگل ميپس ۾ واهپيدارن کي گاڏي جي آئڪون بدلائڻ جو اختيار ڏنو ويو هو، جتي رڳو چار آئڪون موجود هئا، جن ۾ ايڪرو آئڪون، زرد ايس يو وي، ڳاڙهي ڪار ۽ سائو پڪ اپ ٽرڪ شامل هئا.
هاڻي اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ گوگل ميپس ۾ واهپيدارن کي وڌيڪ ڪسٽمائيزيشن جو موقعو ملي رهيو آهي، جتي پنج مختلف گاڏين جا ماڊل ۽ اٺ رنگن جا آپشن شامل آهن.
نئون آئڪون چونڊڻ لاءِ واهپيدارن کي گوگل ميپس نيويگيشن ۾ ڪسٽم آئڪون تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو، جتي ٽرپ آپشن مان ”Vehicle icon while navigating“ چونڊي سگھجي ٿو.
ان آپشن ۾ پنج مختلف گاڏين جا آپشن موجود آهن، جن ۾ لگزري سيڊان، آف روڊ پڪ اپ، ايس يو وي، اسپورٽس ڪار ۽ هيچ بيڪ شامل آهن.
ان کانسواءِ واهپيدار اٺ مختلف رنگن مان ڪنهن به رنگ جي چونڊ ڪري سگھن ٿا.
هن وقت هي فيچر محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي ۽ اڃا واضع ناهي ته اهو ڪڏهن سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.