وڌندڙ حادثا ۽ ٽريفڪ نظام جي سڌاري جو سوال

ڪراچي ۾ ڪافي ڏينهن کان هيوي تيز رفتار ۽ بي لغام ڊمپر گاڏين جا موتمار حادثا خوفناڪ  ۽ ڳڻتي جي حد تائين وڌي چُڪا آهن. ٽئين رات به تيز رفتار ڊمپر گاڏيءَ موٽر سائيڪل تي ويندڙ هڪ فيملي کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي  ۾ پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا ۽ هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي، ايئن هڪ پل ۾  هڪ حادثي هڪ فئملي ۽ ان جي سڄي خاندان لاءِ قيامت برپا ڪري ڇڏي.  رپورٽون آهن ته ان ساڳي ڏينهن ڊمپر گاڏين جا ٻه ٻيا به حادثا ٿيا آهن ايئن هڪ ڏينهن ۾ ڊمپر گاڏي جي تيز رفتاريءَ سبب چئن ماڻهن کان سندن حياتي کسجي وئي. رات جو ملير هالٽ لڳ ٿيل حادثي کانپوءِ ڊمپر گاڏيءَ  سميت ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان حادثي  جو رات ئي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوريءَ سخت نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کي ان ڏس ۾ هفتي اندر ڪا ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو آهي. ٻي صورت ۾ هن پاڻ ان ڏس ۾ ڪنهن ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي. ڪالهه وري ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب به ان موتمار حادثي جو سخت نوٽيس وٺندي ٽريفڪ انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته اها ان معاملي کي سختي سان ڏسي ۽ ڊمپر جي هيوي گاڏين کي رش واري وقت هلڻ جي اجازت نه ڏي ۽ انهن کي رات دير سان هلڻ جي اجازت ڏئي جيڪو ٽريفڪ جو قانون آهي.

اصل ۾ ڏسجي ته اسان وٽ هر قسم جو قانون موجود آهي ۽ اهو حڪومت جو ڪم آهي ته ان قانون تي عمل ڪرائي. پر اسان وٽ افسوس ته هر معاملي ۾ لاقانونيت آهي ۽ رشوت توڙي ڪميشن عيوض هتي هر غير قانوني ڪم ٿيندو آهي. ايئن به ناهي ته ڪو ٽريفڪ اهلڪارن کي ٽريفڪ قانونن جي خبر ناهي پر عام طور تي ڏٺو اهو ويو آهي ته ٽريفڪ جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کان ٽريفڪ اهلڪار رشوت وٺي کين بخش ڪري ڇڏيندا آهن جنهن ڪري ٽريفڪ جو قانون ٽوڙيندڙن کي جوڳي سزا نه ملي سگهندي آهي جنهن سبب قانون جي ڀڃڪڙي عام جام ٿيڻ لڳندي آهي. پر هاڻي اها لاقانونيت خود حڪومت ۽ ٽريفڪ انتظاميا کي ڳچيءَ ۾ پوڻ لڳي آهي.

سو اهو سوال به پنهنجي جاءِ تي قائم آهي ته ڇا ٽريفڪ انتظاميا ايمانداري سان ۽ پيشي جي تقاضائن تي سئو سيڪڙو پورو لهي به ٿي يا نه.  عام تاثر اهو آهي ته  ٽريفڪ انتظاميا جي پنهنجي ڪارڪردگي ايمانداراڻي ناهي ۽ غفلت جو  شڪار آهي. ٽريفڪ انتظاميا جا ممڪن آهن ته پنهنجا به اندورني مسئلا يا گهرجون هجن پر مجموعي طور تي اهو حڪومت جو ڪم آهي ته اها ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر جو ٽريفڪ جو انتظام به غير معمولي هاءِ الرٽ ۽ عالمي معيار جوڳو بڻائي ڇاڪاڻ ته ڪراچي ٽريفڪ جي لحاظ کان تمام گهڻي ٽريفڪ وارو ۽ ٽريفڪ جو بدترين انتظام رکڻ وارو شهر آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ جي هنگامي بنياد تي ضرورت آهي.

اسان جي اها به بدقسمتي هوندي آهي ته اسان جي حڪومت يا انتظاميا ڪنهن وڏي حادثي  کانپوءِ  نوٽيس وٺندي آهي ۽ نوٽيس وٺڻ کانپوءِ وري چپ ٿي ويندي آهي. ائين ٽيون ڏينهن ڊمپر گاڏين جي مختلف حادثن جو نوٽيس ته ورتو آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته ته ان  جو فالواپ ڪيترو ٿو ٿئي خاص ڪري سنڌ جي گورنر جنهن حڪومت کي الٽيميٽم ڏنو آهي سو هن معاملي جي فالو اپ ۾ وڃي ٿو يا نه يا ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ  وهاب به معاملي جو نوٽيس ته ورتو آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته  ٽريفڪ جي انتظاميا تي ان جو ڪهڙو اثر ٿو پوي ۽ ڊمپر گاڏين کي شاهرائن تي هلڻ واري مقرر وقت تي پابند ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه ؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.