جڏهن اسان ڪراچيءَ جي تاريخ جو گهرائي سان مطالعو ڪريون ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته ڪراچي ۽ پسگردائيءَ ۾ ڪيترائي گهاڙي قبرستان ۽ شاندار چوڪنڊي قبرون موجود هيون ، جن تي مختلف قسم جي اُڪَرَ ٿيل هوندي هئي جنهن ۾ مختلف قسم جا جَنگي هٿيارَ ، عورتن جا زيور ، مختلف جانور، قرآني آيتون ، مُردن جا نالا ۽ خوبصورت ڊزائينون اُڪريل هونديون هيون. پر آبادي وڌڻ ۽ رهائشي اسڪيمون اچڻ ڪري هتي مختلف پلازا ۽ بلڊنگون ٺهڻ ڪري ڏينهون ڏينهن اهي قديم تاريخي گهاڙي قبرستان ۽ ٻيون تاريخي جايون ان وڌندڙ آباديءَ جي ور چڙهي ويون ، جنهن مان هاڻي هن ملڪ کي هلائيندڙ به بيزاريءَ جو اظهار ڪري چڪا آهن. هن مسلسل ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ نه رڳو قديم آثار مَسمار ڪيا آهن پر ٻيا سماجي مسئلا به ڪَرُ کڻي رهيا آهن ، جن کان هتي موجود هر هڪ شخص ڀليءَ ڀِت واقف آهي.
اڄ پڙهندڙن کي هتي هڪ باقي بچي ويل گهاڙي قبرستان بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي جيڪو ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ گڏاپ واري پاسي ناراٿر جي ٽاڪُرو عِلائقي ۾ آهي.
جوکين جي هن اهم گهاڙي قبرستان بابت سنڌ جي نامياري محقق سائين گُل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ؛ ” ڪراچي سنڌ جي مارئيءَ“ جي صفحي نمبر ڇهه سئو ٽيونجاهين تي لکيو آهي ته ؛ ” نارا ٿر جبل جي پاسي جوکين جي پراڻي مُقام ۾ ڪجهه گهاڙي قبرون موجود آهن“
ان کان سواءِ سائين گُل حسن ڪلمتيءَ ٽيهارو کن ٻين گهاڙي قبرستانن جو ذڪر به ڪيو آهي ، جيڪڏهن وقت مليو ۽ قسمت ساٿ ڏنو ته انهن تي پڻ لکڻ ۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو ارادو آهي.
ان کان سواءِ هن گهاڙي قبرستان بابت اسان کي ٻيو حوالو محمد علي جوکئي صاحب جي ڪتاب ؛ ” تاريخ جوکيا “ ۾ ملي ٿو ، جنهن ۾ هو صفحي نمبر هڪ سئو پنجويهين تي لکن ٿا ته ؛
” ناراٿر جي جبلن ۾ هيءَ جنگ برفتن ۽ جوکين جي وچ ۾ لڳي ، هن جنگ ۾ ٻنهي طرفن جي سورهين پاڻ ملهايو پر اخرڪار بُرفتن کٽيو ۽ جوکين هارايو. هن جنگ جا بيت سُگهڙ بِراهم لَنگهي گهانڊارِي ڳايا آهن ، جن ۾ هن جنگ جو احوال ڏنل آهي.“
منهنجو به گذريل ڪيترن ئي سالن کان گڏاپ واري پاسي وڃڻ ٿيندو رهندو آهي . سال 2018ع ۾ جڏهن آئون سائين گُل حسن ڪلمتي سان ملڻ سندس ڳوٺ ويس ( تڏهن پاڻ حيات هئا ) ، ته مون کائنس ان گهاڙي قبرستان بابت پچيو هو ۽ ان تي ڪافي وقت ڪچهري ٿي هئي ۽ اسان هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي.
مون کي گڏاپَ ۾ موجود ” موکي ۽ متارن “ جي تاريخي ڪردارن جي آخري آستانن سان اُنسيت آهي تنهن ڪري آئون ڇهين ٻارهين مهيني ان پاسي ڀيرو ڀنڃندو آهيان ، سو هڪ ڀيري بهارَ جي مُند ۾ مٿي ذڪر ڪيل جوکين ۽ بُرفتن جو قديم تاريخي گهاڙي قبرستان نظر اچي ويو . جڏهن ويجهو وڃي ڏٺم ته ان ۾ شاندار گهاڙي قبرون نظر آيون ، جن تي نهايت ئي خوبصورت ۽ نفيس اُڪَرَ جو ڪم ٿيل آهي. ڪجهه گهاڙين تي تلوارن ۽ گهوڙي سَوارن جا عَڪس پڻ اُڪريل هئا. هتي سوين گهاڙي قبرون موجود آهن ، جن جي وڏي تاريخي اهميت آهي. هن قبرستان ۾ بُرفتن ۽ جوکين جي ان جنگ جو پڙاڏو اڃا تائين گونجي رهيو آهي ، پر ان جي سار سنڀال ۽ پَرگهورَ لهڻ واري ڪا پَهَرَ نظر ڪو نه آئي مون کي اتي.
ڪجهه گهاڙي قبرون ڊهي چُڪيون آهن ۽ ڪجهه قبرن جا اُڪرَ ٿيل پٿر اتي ئي ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. جيڪڏهن سنڌ جي ان قديم تاريخي ورثي جي تُرت واثي نه ڪئي وئي ته اهو به ٻين گهاڙي قبرستانن وانگر آهستي آهستي ميسارجي ختم ٿي ويندو.
ڪجهه صلاحون ۽ رايا
- سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته ان قديم ثقافتي ماڳ تي هڪ معلوماتي بورڊ لڳرائي ۽ گهاڙي قبرستان کي چئوديواري ڏياري.
- بُرفتن ۽ جوکين کي به گهرجي ته پنهنجي وڏڙن جي قديم ۽ خوبصورت اُڪرَ ٿيل گهاڙي قبرن جي مالڪي ڪن ۽ ان ۾ اندر موجود جهنگ کي وڍي ختم ڪن .
- مقامي ماڻهن ۾ قديم آثارن ۽ گهاڙي قبرستانن جي اهميت کي اُجاڳر ڪرڻ لاءِ اتي ننڍا ننڍا سيمينار منعقد ڪرائڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي قديم ورثي جي وارثي ڪرڻ جو رجحان پيدا ٿئي ۽ اهي پنهنجي سِر پاڻ به اهڙن خوبصورت ماڳن جي حفاظت ڪن.