حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ هڪ ڪار کي روڪي وڪيل خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي تان ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيل آهن، جنهن سبب حيدرآباد جي ڪورٽن ۽ ٿاڻن جو ڪم ڪار سخت متاثر ٿيو آهي، پوليس خلاف وڪيلن جي شروع ٿيل هيءَ تحريڪ لڳي ٿو ته هاڻ ٻنهي ڌرين جي انا جو مسئلو بڻجي وئي آهي، جنهن سبب وڪيلن جي ايس ايس پي آفيس حيدرآباد کان شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ سپر ھاءِ وي تي وڃي پهتي آهي، وڪيلن جي هلايل تحريڪ سڄي حيدرآباد جي ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻجي وئي آهي.
گذريل اربع واري ڏينهن ٽنڊوالهيار سان تعلق رکندڙ وڪيل علي رضا بوزدار جي گاڏي کي روڪي سندس مٿان گاڏي ۾ فينسي نمبر پليٽ ۽ ڪارا شيشا لڳل هجڻ جو الزام هڻي ڀٽائي نگر ٿاڻي تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو هو، اهڙي عمل خلاف وڪيلن احتجاج ڪري ايس ايس پي آفيس حيدرآباد ۾ داخل ٿي 17 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، ايس ايس پي ته لڪ ڇپ ۾ پنهنجي آفيس ڇڏي هليو ويو، پر ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو پهچي وڪيلن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف جي خاطري ڪرائي في الحال ڌرڻو ختم ڪرائي ايس ايس پي آفيس کي وڪيلن کان خالي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ته ٿي ويو پر مسئلو حل نه ٿيو، بعد ۾ رکيل وڪيلن ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون به ڪامياب نه ٿي سگهيون. آخر هڪ ڏينهن جي ماٺار کان پوءِ حيدرآباد جي سمورن وڪيلن احتجاجي تحريڪ کي هاءِ وي تي پهچائي ڇڏيو آهي.
هاڻ ڳالهه اها سمجهه ۾ نٿي اچي ته هي معاملو ايترو ته وڏو آهي ئي نه، پوليس آڏو هڪ ڪيس کي بي ڪلاس ڪري ختم ڪرڻ يا ڊي آءِ جي کي ايس ايس پي کي ٻئي هنڌ بدلي ڪرائڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي، پر لڳو ٿو ته هاڻ هي ٻنهي ڌرين جي انا جو مسئلو ٿي ويو آهي، آهن به ٻئي سگهاريون ڌريون، هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ لاءِ زور لڳائي رهيون آهن، جنهن ڪري هي مسئلو روز بروز خراب ٿيندو پيو وڃي نه ڄاڻ ڇو اڃا تائين لاڳاپيل ادارو توڙي وزير يا مشير هن معاملي کي حل ڪرائڻ ۾ دلچسپي نٿو وٺي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڇو ڪو اھڙو ادارو يا ماڻھو ڪونھي، جيڪو هن معاملن کي ڳالھين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، آخر سنڌ حڪومت به ڇو ماٺ آھي، ننڍو مسئلو وڏو ٿيندو پيو وڃي.
جڏهن ايس ايس پي آفيس ۾ ڌرڻو لڳو ته ايس ايس پي پاڻ آفيس ڇڏي هليو ويو، آفيس جو سمورو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، پر هاڻي ته هاءِ وي بند ڪيو ويو ۽ هاءِ وي بند ٿيڻ سان عام ماڻهن کي تڪليف پهتي، ڌرڻي سبب سوين گاڏيون روڊ تي ڦاٿل رهيون.
هڪ طرف وڪيلن احتجاج ڪيو ته ٻئي طرف وري پوليس وڪيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ انوکو طريقو اختيار ڪيو، حيدرآباد جي ايس پي هيڊڪواٽر جي 15 ڊي ايس پيز ۽ 24 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، 4 پوليس پوسٽن ۽ مختلف برانچن جي انچارجن ايس ايس پي آفيس پهچي موڪل جون درخواستون ڏيندي سبب ڄاڻايو ته وڪيلن جي احتجاج دوران پوليس خلاف سخت ٻولي ڳالهائي وئي آهي، جنهن ڪري سندن ۽ سندن اداري جي ساک متاثر ٿي آهي، کين هڪ مهيني جي موڪل ڏني وڃي، پوليس جي اهڙي انوکي قسم جي موڪل وارين درخواستن تي سوشل ميڊيا تي ماڻهن مختلف قسم جا تبصرا ڪيا پئي ته جهڙي طرح وڪيلن جي احتجاج سبب پوليس عملدارن موڪل جي درخواست ڏئي ٿاڻا ڇڏڻ جو چتاءُ ڏنو، تهڙي نموني پوليس آفيسر وڏيرن، سردارن ۽ سگهارن ماڻهن جي اڳيان پٺيان گهمڻ ۽ سندن خواهش موجب چاپلوسي ڪرڻ کان انڪار ڪري جيڪڏهن موڪل جون درخواستون ۽ استعيفائون ڏين ها ته اهڙن آفيسرن کي ماڻهو هارا پارائن ها، پر اهي پوليس عملدار جيڪي سڄو ڏينهن ٿاڻن تي ويهي منشيات فروشن، جوا جي اڏن ۽ ٻين غير قانوني ڪمن ۾ حصيدار بڻجي انهن جي سرپرستي ڪن ٿا ۽ وري وڪيلن جي هڪ احتجاج کي ساک جو مسئلو بنائين ٿا ته اها ڳالهه به حيرت جهڙي لڳي ٿي.
بهرحال قانون جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کي هاڻ ختم ڪرڻ لاءِ سگهارين ڌرين کي وچ ۾ پئي سندن انا جو مسئلو ختم ڪرائي وڪيلن جي احتجاجي تحريڪ کي ماٺارو ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪڏهن هيءَ تحريڪ وڌيڪ هلي ته معاملا اڃان وڌيڪ خراب ٿيندا، پوليس ۽ وڪيل پنهنجا فرض صحيح نموني نڀائي نه سگهندا، نتيجي ۾ حيدرآباد شهر ۾ ڏوهارين کي ڇوٽ ملي ويندي ۽ ڏوهاري سرگرميون وڌي وينديون.
قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هجڻ گهرجي، اسان ته پنهنجين اکين سان ڪيترين ئي گاڏين وارن کي روڊن تي پوليس عملدارن هٿان تشدد ٿيندي به ڏٺو آهي، بنا ڪنهن سبب جي موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين وارن کي روڪي ڪوڙين پرچين تي چالان ڪري سخت ڏنڊ وصول ڪيا ويندا آهن، پر جيتوڻيڪ اهي تشدد جو نشانو بڻجندڙ ماڻهو بي پهچ هوندا آهن، تنهن ڪري اهي ته روڊ تي ويهي احتجاج به ناهن ڪري سگهندا، پر هن ڀيري پوليس جو اهڙي ڌر سان معاملو اٽڪيو آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻ به هاڻي پوليس جي وس جي ڳالهه ناهي رهي، ٻنهي ڌرين کي ٿوري لچڪ پيدا ڪري هن مسئلي کي ختم ڪرائڻ گهرجي.