آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران غزا تي ”ڪنٽرول “ ۽ ان کي ” پنھنجي مالڪي ۾ وٺڻ“ واري رٿ تي عمل ٿيڻ في الحال ممڪن نظر نھ پيو اچي.ڇاڪاڻ جو ان جي لاءِ عرب ملڪ مخالفت جو اعلان ڪري چڪا آهن.جن ۾ مصر، اردن ۽ سعودي عرب شامل آهن. ٽرمپ چاهي ٿو ته مصر ۽ اردن لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي آبادڪاري لاءِ جاءِ مھيا ڪن.ٽرمپ شايد اھو بھ چاھي ٿو ته سعودي عرب ان سڄي عمل جو خرچ پنھنجي سر تي کڻي.آمريڪا ۽ اسرائيل جا اتحادي اولهھ جا ملڪ بھ ان رٿ جي مخالفت ڪندي نظر اچي رھيا آھن.
غزا جي ڪافي فلسطينين کي شايد اھو موقعو وڻندو ھجي ۽ اھي ان مان فائدو بھ وٺڻ چاهيندا، پر جيڪڏهن ڏهه لک فلسطيني بھ غزا ڇڏي وڃن، تڏهن به اٽڪل 12 لک ماڻهو پٺيان رهندا.آمريڪا کي انهن ماڻهن کي زبردستي اتان ڪڍڻ لاءِ طاقت استعمال ڪرڻي پوندي. 2003 ۾ عراق تي آمريڪي حملي جي خوفناڪ نتيجن کان پوءِ اھڙي ڪا ڪوشش غير مقبول عمل ھوندي.آمريڪا جي اھا رٿ تڪرار جي ٻھ رياستي حل جي امڪان ۾ پڻ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي.نتن ياهو جي حڪومت ان تجويز جي مخالف آهي. ورھين جي ناڪام ڳالهين کان پوءِ ھاڻي ٻن قومن لاءِ ٻن الڳ رياستن جو خيال هڪ نعري کان وڌيڪ ڪجهه به نه رھيو آهي.پر 1990 جي ڏهاڪي کان وٺي اھا تجويز آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو رهي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ جي رٿ عالمي قانون جي بھ سڌي ڀڃڪڙي هوندو.آمريڪا جو اھو تاثر تھ ھو اهو اصولن تي ٻڌل بين الاقوامي نظام تي يقين رکي ٿو. ان جي رھيل ڪسر بھ پوري ٿي ويندي.ان سان روس۽ چين جا يورڪرين ۽ تائيوان بابت علائقائي ارادن کي بھ سگھه ملندي.صدر ٽرمپ جا اهڙا بيان ڪيترا به عجيب ڇو نه لڳن،پر انهن جا نتيجا ضرور نڪرندا.ڊونلڊ ٽرمپ هاڻي ڪنھن ريئلٽي شو جو ميزبان نه آهي جيڪو سياسي بيان ڏئي سرخين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هو دنيا جي طاقتور ملڪ جو صدر آهي ۽ ھاڻي دنيا جو طاقتور ترين شخص بڻجي ويو آھي.هن جا بيان نازڪ جنگ بندي معاهدي تي منفي اثر وجهي سگهن ٿا. هڪ سينئر عرب ذريعي موجب، اھي جنگ بندي لاءِ آخري ڪوڪو ثابت ٿي سگهن ٿا.جنگبندي ٺاھ ۾ اڳ ئي ھڪ هڪ وڏي خامي اها آهي ته ان ۾ اهو واضح ناهي ته مستقبل ۾ غزا جو انتطام ڪئين ھلندو ؟
هاڻي ان بابت صدر ٽرمپ پنهنجي رٿ پيش ڪئي آھي. جيڪڏهن ان تي عمل نٿو ٿئي تھ به ان سان اسرائيلين ۽ فلسطينين جي ذهنن ۾ سوال پيدا رھندو. ان سان قوم پرست يهودي انتها پسندن جي ارادن کي سگھھ ملندي.جن جو يقين آھي ته رومي سمنڊ کان اردن جي درياءَ تائين واري زمين خدا يهودين کي ڏني آھي.سندن اڳواڻ نتن ياهو حڪومت جو حصو آهن، جيڪي سندس حڪومت برقرار رکڻ ۾ ان جا مددگار پڻ آهن. اهي ان اعلان سان گهڻا خوش آهن. اهي چاهين ٿا ته غزا ۾ جنگ جاري رهي ته جيئن فلسطينين کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ انهن جي جاءِ تي يهودين کي آندو وڃي.اسرائيل جي اپوزيشن اڳواڻن، شايد ايندڙ مشڪلات کان ڊڄندي، گهڻي خوشي جو اظهار نه ڪيو آھي پر انهن پڻ نرم لفظن ۾ رٿ جي آجيان ڪئي آھي.
حماس ۽ ٻين هٿياربند فلسطيني گروپن کي شايد محسوس ٿي رھيو آھي تھ اھي ٽرمپ جي بيان جي جواب ۾ اسرائيل خلاف طاقت جو مظاهرو ڪن.فلسطينين لاءِ اسرائيل سان تڪرار جي ياد سان ڳنڍيل آهي. نڪبه جو مطلب آهي تباهي.1948 ۾ اسرائيل جي آزادي کان پوءِ فلسطينين کي انهن جي زمين تان بي دخلي واقعي کي نڪبھ چيو وڃي ٿو.اسرائيلي هٿياربند فوج ست لک کان وڌيڪ فلسطينين کي گهرن مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ھو. ڪجهه کي واپس اچڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ اسرائيل ھٿ ٺوڪيا قانون جوڙي فلسطيني ملڪيتن تي قبضو ڪيو ھو.شايد ڊونلڊ ٽرمپ ڪري مونجهارو پکيڙي رهيو آهي ته جيئن هو ڪنهن ٻي رٿ تي ڪم ڪري سگهي.
چيو وڃي ٿو ته هن ۾ نوبل امن انعام کٽڻ جي سخت خواهش آهي. وچ اوڀر ۾ امن آڻڻ جي ڪوشش ڪندڙن لاءِ نوبل انعام کٽڻ جو هڪ مثال موجود بھ آهي. جڏهن دنيا ٽرمپ جي بيانن کي هضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي تڏھن وري ٽرٿ سوشل پليٽ فارم تي هڪ پيغام ۾ ايران سان ” فعالي ايٽمي امن معاهدي” جي خواهش ظاهر ڪئي آھي. ھن وقت تهران ۾ بحث شروع ٿي ويو آهي ته ڇا صورتحال ان مرحلي تي پهچي وئي آهي جو ايران حفاظت لاءِ ايٽمي هٿيارن جي ضرورت آهي.سالن کان نيتن ياهو چاهيندو رهيو آهي ته آمريڪا اسرائيل جي مدد سان ايراني ايٽمي سهولت کي تباهه ڪري ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرين صدارتي دور ۾ به نتن ياهو آمريڪا کي تهران سان ايٽمي معاهدي کان دستبردار ٿيڻ تي قائل ڪرڻ جھڙو ھو.جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ جو مقصد اسرائيلي انتهاپسندن کي ايران سان ايٽمي مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه ڏيڻ هو، ته هو ڪامياب ٿي ويو آهي، پر سندس قدم وچ اوڀر ۾ وڌيڪ غير يقيني ئي پيدا ڪئي آهي.