غزا جنگ 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي اسرائيل تي دهشتگرد حملي کانپوءِ شروع ٿي هئي. آمريڪا ۽ ڪجهه يورپي ملڪن حماس کي دهشتگرد قرار ڏئي چڪا آهن. اسرائيلي اختيارين موجب، حماس جي حملي ۾ 1200 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ 250 کي يرغمال بڻايو ويو هو. اسرائيل جي جوابي ڪاروائي ۾، حماس جي ڪنٽرول هيٺ غزا جي صحت واري وزارت موجب، 47 هزار کان وڌيڪ فلسطيني مارجي چڪا آهن.تازو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل هٿان تباھ ڪيل فلسطيني پٽي غزا تي قبضو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي هن اهو به چيو ته اتي دنيا کان ماڻهو آڻي آباد ڪنداسين سعودي عرب ۽ ٻيا ملڪ اسان جي هن منصوبي جي حمايت ڪندا. ڪالهه وائٽ هائوس ۾ اسرائيل جي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي قسم جو اعلان ڪيو آهي هن اهو به چيو آهي ته آمريڪا غزا جي پٽي تي قبضو ڪندو ۽ اسان ان جا مالڪ هونداسين. ڊونلڊ ٽرمپ غزا تي قبضو ڪري انهي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ اتي نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ غزا جي ملڪيت کي ڊگهي وقت لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي آهي هن اهو به چيو آهي ته اسان غزا تي قبضو ڪري انهيءَ کي ترقي يافته بنائينداسين جنهن سان علائقي جي ماڻهن کي نوڪريون ملڻ سان گڏ ٻين شهرين کي به آباد ڪرڻ جو موقعو ملندو. آمريڪي صدر فلسطينين کي اردن ۽ مصر ۾ ترسائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هاڻ ڏسڻو آهي ته اردن ۽ مصر جي اڳواڻن جو رد عمل ڪهڙو اچي ٿو. هن دعويٰ ڪئي ته سعودي عرب ۽ خطي جي ٻين اڳواڻن کي انهي منصوبي بابت ٻڌايو جن ان کي پسند ڪيو آهي. سعودي عرب سان گڏجي هلڻ چاهيون ٿا اهي بهتر ماڻهو آهن. هن فلسطينين وٽ غزا ڇڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به حل ڪڍڻ جو چيو آهي، ٽرمپ پاڙيسري ملڪن اردن ۽ مصر بي گهر فلسطينين کي پنهنجي پناهه ۾ وٺن جو اعلان پڻ ڪيو آهي
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران غزا پٽي تي ڊگهي عرصي تائين قبضي واري اعلان کي عرب دنيا سميت دنيا جي اڪثر ملڪن رد ڪري ڇڏيو آهي،هنن اهو چيو آهي ته ٽرمپ اسرائيل کي قبولڻ لاءِ دٻاءَ وجهي رهيو آهي، فلسطينين جي بيدخلي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، آمريڪا جي دٻاءَ ۾ اچڻ وارا ناهيون، هر موڙ تي مظلومن جو ساٿ ڏينداسين. گڏيل قومن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا منصوبي کي نسل ڪشي جي برابر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته ٽرمپ جو غزا جي آبادي کي منتقل ڪرڻ ۽ فلسطيني علائقي کي ترقي ڏيڻ جو منصوبو نسل ڪشي جي برابر هوندو، ٽرمپ جي منصوبي سان فلسطيني رياست جو قيام هميشه لاءِ ناممڪن ٿيڻ جو خطرو آهي.
سعودي عرب به اهو چيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام کانسواءِ اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪنداسين، سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو، فلسطينين کي پنهنجي سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪيون ٿا. سعودي عرب، مصر، اردن ۽ حماس سميت وچ اوڀر جي ملڪن توڙي تنطيمن آمريڪي صدر جي اهڙي بيان کي رد ڪيو آهي. آمريڪي صدر جي بيان بعد سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته سعودي عرب فلسطيني رياست قائم ڪرڻ واري موقف تي اٽل آهي ۽ هو فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪندا. حماس آمريڪي صدر کي بيان کي کِلَ جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙي تجويز خطي ۾ ٻيهر باهه ڀڙڪائي سگهي ٿي. مصر ۽ اردن به آمريڪي صدر جي اهڙي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ تنظيمن گڏيل بيان ۾ خبردار ڪيو ته اهڙي قدم سان خطي کي استحڪام جو خطرو ٿي سگهي ٿو. برطانيا سميت ڪيترن ئي ملڪن جي اڳواڻن طرفان ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر برطانيا جي ڪانگريس ۾ زور ڏنو آهي ته برطانيا ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو، هن غزا ۾ موجوده جنگبندي کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو، اسٽارمر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هزارين فلسطينين جي غزا ۾ ملبي جي وچ مان گذري پنهنجي گهرن ڏانهن ويندي ڏسي ڏک ٿيو ته انهن جي ڇا حالت آهي؟ فرانس جي پرڏيهي وزارت رفان جاري بيان ۾ فلسطيني آبادي جي غزا مان جبري لڏپلاڻ جي تجويز کي رد ڪندي چيو ته پٽي کي ڪنهن ٽئين پارٽي طرفان ڪنٽرول نه ڪرڻ گهرجي، فرانس جو به اهو ئي چوڻ آهي ته ٻه رياستي حل ئي ان مسئلي جو واحد ۽ ڊگهي عرصي تائين رهندڙ حل آهي. روس ۾ ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوو جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ ڪو به حل ان وقت ممڪن آهي جڏهن ٻه رياستي حل کي عملي جامو پارايو ويندو، چين ۽ آسٽريليا طرفان به ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي وئي، ترڪي جي پرڏيهي وزير جو به چوڻ هو ته فلسطينين کي ڪنهن به منصوبي کان ٻاهر رکڻ تڪرار جو سبب بڻجي سگهي ٿو.ٻئي پاسي وري
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل سان گڏجي ايران کي ٽڪرا ٽڪرا نه ڪرڻ جو چيو آهي، پر هن تهران سان مضبوط ايٽمي امن معاهدي کي ترجيح ڏيڻ جو چيو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي صدر جو اهڙي قسم جو بيان هليو آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته آئون چاهيان ٿو ته ايران هڪ عظيم ۽ ڪامياب ملڪ ٿئي پر اهڙو ملڪ نه ٿئي جنهن وٽ ايٽمي هٿيار هجن، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهي افواهه هلي رهيا آهن ته آمريڪا اسرائيل سان گڏجي ايران کي ٽڪرن ۾ تقسيم ڪرڻ چاهي ٿو هروڀرو وڌائي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. آئون هڪ اهڙي مضبوط ايٽمي معاهدي کي ترجيح ڏيندس جنهن تحت ايران اڳتي وڌي سگهي ۽ خوشحال ٿئي،هن ايران کي ايٽمي هٿيارن جي پروگرام ۽ وچ اوڀر ۾ هٿياربند مليشائين جي مالي مدد جي لاءِ تيل وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي حوصلا افزائي ڪئي آهي.پر ٽيون ڏينهن وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهين کان اڳ آمريڪا جي صدر ڊونلڊٽرمپ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل سان آمريڪي شموليت کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي فلسطيني امدادي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ روڪڻ جي لاءِ هڪ دستاويز تي به صحيحون ڪيون آهن. هن صدارتي يادداشت تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ ايران جي خلاف هڪ سخت پاليسي کي ٻيهر لاڳو ڪيو ويو جنهن جو مقصد ملڪ کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۽ تيل جي برآمدات کي محدود ڪرڻ آهي.
آمريڪا جي صدر جي انهن انتها پسند بيانن بعد سڄي دنيا جي مسلم ملڪن ۾ هڪ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي غزا تي مڪمل قبضي جي ڳالهه ڪري آمريڪا دنيا کي مظلوم فلسطينن سان گڏ بيهڻ بجاءِ قاتل اسرائيل سان بيهڻ جي اعلان بعد پنهنجو چهرو واضع ڪيو آهي. هاڻي ڏسجي ته مسلم ملڪ ٽرمپ جي اهڙي دهشتگرد بيانن کان پوءِ ڇا ٿا ڪن.ٽرمپ جي صدر ٿيڻ بعد آمريڪا جو مڪروه چهرو سموري دنيا آڏو ظاهر ٿيو آهي جيڪڏهن غزا تي قبضي بعد اتي دنيا جا ٻيا ماڻهو رهايا ويندا ته اهو فلسطين سان ڏاڍ ليکيو ويندو جنهن سان دنيا جو امن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو بحرحال اهو سڀ مسلم ملڪن مٿان دٻاءُ وجهڻ آهي ته جيئن هو گريٽر اسرائيل جي حمايت ڪن.