فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن چيو آهي ته بابر اعظم آئوٽ آف فارم ناهي، ڏکڻ آفريقا خلاف آخري ميچ ۾ به هو سٺي ٽچ ۾ لڳي رهيو هو، هن پريشر کي سٺي نموني هينڊل ڪيو.
ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز کٽڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مائيڪ هيسن چيو ته بدقسمتي سان بابر اعظم رن آئوٽ ٿيو ۽ ان جو واسطو فارم سان ناهي، اميد ته هو ايندڙ سيريز ۾ رنسون ڪندو.
هن چيو ته ڪاميابي جو ڪريڊٽ ڪپتان شاهين آفريدي کي ڏيڻ گهرجي، هن سٺي ڪپتاني ڪئي، ڪنڊيشن سمجهي بالنگ ۾ سٺيون تبديليون ڪيون.
سندس چوڻ هو ته سريلنڪا خلاف سيريز ۾ حسن نواز اسڪواڊ جو حصو نه هوندو، هو فرسٽ ڪلاس کيڏندو.
You might also like