ڪمزوريون ختم! سائنسدانن جوان رکڻ ۽ بيمارين کان بچائڻ جو هڪ ئي حل ڳولي لڌو

مڇيءَ جو تيل دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ غذائي سپليمينٽ مان هڪ آهي، جيڪو اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز سان ڀرپور هوندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو خاص غذائي جز صحت لاءِ انتهائي اهم آهي.

تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته مڇيءَ جي تيل جو روزانو استعمال نه رڳو عمر وڌڻ جي ڪري ٿيندڙ جسماني ڪمزوري کي روڪي سگهي ٿو، پر ان جو اثر وڌندڙ عمر جي نشانين کي به گهٽ ڪندو آهي.

سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل طبي تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وٽامن ڊي ۽ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز جسم جي حياتياتي عمر (Biological Age) جي رفتار کي سست ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ياد رهي ته عام طور تي ماڻهو جي عمر سندس ڄمڻ جي تاريخ موجب طئي ڪئي ويندي آهي، پر طبي لحاظ کان جسم جي اصل عمر ان جي جسماني ۽ ذهني ڪارڪردگي تي دارومدار رکندي آهي.

جينز، طرزِ زندگي ۽ ٻين عنصرن جو اثر حياتياتي عمر تي پوندو آهي، ۽ جيتري گهڻي اها عمر وڌندي، اوترو ئي مختلف بيمارين جو خطرو وڌندو.

777  ماڻهن تي ٿيل هن تحقيق ۾ وٽامن ڊي ۽ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز جا سپليمينٽ استعمال ڪرايا ويا. نتيجن مان خبر پئي ته جيڪڏهن انهن غذائي جزن کي جسماني سرگرمين سان گڏ معمول جو حصو بڻايو وڃي، ته اهو نه رڳو ڪينسر ۽ جسماني ڪمزوري کان بچائي سگهي ٿو، پر مختلف بيمارين جو خطرو به گهٽائي سگهي ٿو.

تحقيق موجب رڳو چئن مهينن اندر اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز جينياتي عمل تي هاڪاري اثر وجهن ٿا ۽ جسم جي حياتياتي عمر کي آهستي آهستي وڌڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اوميگا ٿري، وٽامن ڊي ۽ جسم مضبوط ڪندڙ ورزشن کي گڏائي شامل ڪرڻ سان ان جو اثر وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿو. تحقيق ۾ شامل ماهرن جو چوڻ هو ته اسان جي تحقيق خاص ان ڪري آهي، ڇو ته ان ۾ حقيقي ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جڏهن ته ماضي ۾ گهڻيون تحقيقون جانورن تي ٿيون هيون.

ماهرن جي تحقيق موجب لڳاتار ٽن سالن تائين انهن سپليمينٽس جو استعمال ڪينسر ۽ جسماني ڪمزوري جو خطرو به گهٽائي سگهي ٿو.

تحقيق ۾ اهو به تسليم ڪيو ويو ته ان کي وڌيڪ مضبوط نتيجن تائين پهچائڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

هي تحقيق جرنل ‘ايجنگ’ ۾ ڇپي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.