بيوس نمائندا ۽ لاوارث عوام

تحرير: خالده منير

ڪنهن به ملڪ جو مضبوط سياسي ڍانچو عوام جي فعال چونڊيل نمائندن کانسواءِ مڪمل ٿي نٿو سگهي، عوام جيڪا ڪروڙن جي تعداد ۾ هوندي آهي، ملڪ جي معيشت توڙي سمورو ڪارونھوار هلائڻ جو وزن عوام جي ڪلهن تي هوندو آهي، جنهن کي عدل، انصاف ۽ بھتر رٿابندي سان هلائڻ لاءِ عوام جمهوري طريقي سان ووٽ ڏئي پنهنجا نمائندا چونڊيندي آهي، جنهن تڪ جي نمائندي کي اتان جي عوام ووٽ ڏي پنهنجي تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ اسيمبلي موڪليندي آهي ته اهو نمائيندو ان تڪ جي عوام جو گڏيل آواز هوندو آهي، ان نمائندي جي ذميواري هوندي آهي ته پنهنجي تڪ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جهڙوڪ، روڊ رستن، گھٽين، اسڪولن ۽ اسپتالن جهڙيون سهولتون مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ اتان جي عوام جي عزت، جان ۽ مال جو تحفظ کي يقيني بنائڻ به سندس ذميواري ۾ شامل آهي.

سنڌ کي جيڪڏهن اسان سياسي پس منظر ۾ ڏسون ٿا ته تقريبن سڄي سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي خراب ڪارڪردگي جو ثبوت پيش ڪري رهي آهي، عوام عدم تحفظ جو شڪار آهي، جيڪڏهن ترقياتي ڪمن ۾ صرف روڊ جي حالت ڏسجي ته اهڙي آهي جو آئي ڏينهن ڪيتريون ئي قيمتي جانيون روڊ حادثن جو شڪار ٿين ٿيون، غريب عوام کان ٽيڪس وٺڻ لاءِ هاڻي سنگل ڀڳل ٽٽل روڊن تي به ٽول ٽيڪس جا دڪان لڳايا ويا آهن، پر ٽريفڪ قانون جي ڪٿي به پورائي نظر نٿي اچي، جڏهن ته عوام پنهنجي پگهر جي پورهئي مان ماچيس جي دٻي جو به ٽيڪس پياري ٿي، پر ان جي باوجود عوام کي ڪي به خاطر خواھ سهولتون ميسر نه آهن، لاقانونيت ايتري آهي جو ڪو به ماڻهو پاڻ کي ٻاھر ته ٻاھر پر پنھنجي ذاتي گھر ۾ به محفوظ نٿو سمجهي.

هڪ طرف چوريون، ڌاڙا، اغوا، اتر سنڌ ڌاڙيلن حوالي جن اتان جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف قبائلي جهيڙا سنڌي ماڻهو طبعي موت ايترا نٿا مرن جيترا حادثاتي موت مرن ٿا، قانون پاڻ مرادو حرڪت ۾ صرف غريب مسڪين ٻڪري چور لاءِ اچي ٿو ان کي سزا به پاڻ مرادو ڏئي ھاف فرائي يا فل فرائي ڪريو ڇڏي، پر قاتل ۽ رهزن توڙي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ کلئي عام پيا گهمن انهن جو ڪير وار به ونگو نٿو ڪري سگهي، ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان آئي جي سنڌ تائين انهن تي ايف آئي آر ڪٽڻ کان بيوس آھن، جنهن جو تازو مثال تي سانگهڙ جي علائقي چوٽياري جي ٽن ڳوٺاڻن عبدالرسول، علي بخش، مشتاق علي کي ٻني جي جهيڙي ۾ مبينا اتان جي با اثر زميندار جي ماڻهن سڌي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيا جن جا وارث چار ڏينهن تائين مقتولن جا لاش پريس ڪلب سانگهڙ جي سامهون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري رھيا ھئا، جنهن مظاهري ۾ نه صرف مقتول ڌر جا مرد، عورتون، ۽ ٻار به ويٺل هئا، پر علائقي جي سول سوسائٽي ۽ عام شھري به احتجاج ۾ شريڪ ھئا ليڪن هيٺين سطح کان وٺي مٿين سطح تائين قانوني عملدار ايترا ته بيوس بڻيل هئا جو وارثن طرفان با اثر شخص جي نالي ايف آئي آر ڪٽڻ کان لاچار هئا، جڏهن ته معمولي نوعيت جي مجرم خلاف به قانون مطابق ڪاروائي ڪري سگهجي ٿي، پر هت ٽن قتلن جي ايف آئي آر ڪٽائڻ لاءِ متاثر ڌر جا لاش خراب ٿي رهيا هئا اهڙي صورتحال کي ڏسي نه صرف سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو پر قومپرست اڳواڻ به مقتولن جي وارثن سان احتجاج ۾ شامل ٿي ويا، زمين پيرن هيٺان ان وقت نڪتي جڏهن ان تڪ جا چونڊيل نمائندا علي اعلان پنهنجي بيوسي جو اظهار ڪري رهيا هئا، جتي قانون بيوس، نمائيندا بيوس، عوام بيوس ھجي ته اميد ڪنھن ۾ سارجي؟ اهو ڪو هڪ واقعو ته نه آهي سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا ٿين ٿا، جن جا ڌڻي نه نمائيندا ٿين ٿا نه قانون ٿو ٿئي. لاقانونيت جو تازو ٻيو واقعو  نئو ديرو ۾ واپاري سنتوش ڪمار کي دڪان تي گوليون هڻي قتل ڪري مجرم فرار ٿي ويا، جنهن جي قتل جي ايف آئي آر ڪٽڻ بجائي قانوني عملدار پنهنجي طرفان ان قتل کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته عملدارن جو ڪم آهي مجرمن کي گرفتار ڪري عدالت حوالي ڪرڻ فيصلو ڪرڻ عدالتن جو ڪم آهي قاتل ڪير آهي؟ قتل جا سبب ڪهڙا هئا؟ اھو ڏسڻ عدالت جو ڪم آھي. سندن ڪم فريادي ڌر جي راءِ مطابق ايف آئي آر ڪٽڻ مجرم کي گرفتار ڪرڻ آهي، هتي ته عام ماڻهو انصاف جي ڳولا ۾ مريو وڃي انصاف نٿو ملي.

سرڪاري ادارن کان مايوس ٿي جڏهن عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن وڃي ٿو ته اهي پڻ پنهنجي بيوسي جو اظهار ڪن ٿا، اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل نمائندن جا عوام سان اهڙا رويا ڏسي لڳندو آهي جهڙوڪ اسان انسان نه پر ڪنهن جهنگ ۾ رهندڙ جانور هجون جن جي جياپي لاءِ ڪي به قانون قاعده رائج نه آهن جنهن کي جتان اچي چوري، ڦر، ڌاڙا، اغوا ۽ قتل ڪري هٿ ڇنڊي روانو ٿي وڃي، عزت، جان مال جو تحفظ صرف انهن کي مليل آهي جيڪي طاقتور آهن، پئسي وارا آهن، انصاف خريد ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا، پئسي جي زور تي هو مقتول کي قاتل به ثابت ڪري سگهن ٿا،

چونڊيل نمائيندا هر طرح عوام جي مسئلن کان لاتعلقي نٿا ڪري سگهن هو جوابده آهن جيڪڏهن ايترا بيوس لاچار آهن ته ڪرسيون خالي ڪن جن ڪرسين تي ويهڻ سان کين مراعتون ملن ٿيون انهن جي قيمت عوام کان ٽيڪس جي شڪل گورنمينٽ وصول ڪري ٿي، جي عوام لاوارث آهي ته اتان جو نمائيندو نا اهل آهي. جنهن کي عوام پاڻ گٽر جو پاڻي پي منرل واٽر پياري اسيمبلي ۾ ان لاءِ موڪلي ٿي ته اسيمبلي ۾ گونگا ٻوڙا ٿي بيوس اٺن بار ڇڏيا ٿي ويٺا هجن، نٿا ڪجهه ڪري سگهو ته ايترو ڪريو ڪرسيو خالي ڪريو اوهان جو عوام مٿان احسان هوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.