حيدرآباد: ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار وڪيلن جي احتجاج ۽ کيس حيدرآباد مان بدلي ڪرڻ واري مطالبي کانپوءِ ڪالهھ پنهنجي آفيس پهتو، جنهن دوران پوليس آفيسرن پاران سندس حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي. هو پنهنجي آفيس ۾ ويٺو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي صدارت ۾ ٿيل پوليس آفيسرن جي ٿيل گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو،هوڏانهن وڪيلن جي رويي تي پوليس آفيسرن پاران احتجاج طور موڪلن تي وڃڻ کانپوءِ پوليس جي مٿين رينڪ حرڪت ۾ اچي وئي آهي. ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ايس ايس پي آفيس پهتو، موڪل جو ڏينهن هجڻ باوجود ايس ايس پي کي به طلب ڪيو ويو، جڏهن ته انتظامي معاملن کي نظر ۾ رکندي ڊي سي حيدرآباد زين العابدين ميمڻ به ايس ايس پي آفيس پهتو، موڪل جون درخواستون ڏيندڙ پوليس آفيسرن سان گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. پوليس آفيسرن ابتدائي طور درخواستون واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڊي آءِ جي حيدرآباد پوليس آفيسرن کي موڪل تي وڃڻ کان روڪيندي چيو آهي ته في الحال ڪم جاري رکو، ڏکين حالتن ۾ به پوليس فورس ڊيوٽي ڪري ٿي. وڪيلن جي قيادت سان رابطي ۾ آهيون، معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي فرخ لنجار چيو ته معاملو فينسي نمبر پليٽ لڳائڻ ۽ ڪارا شيشا هٽائڻ تان پيدا ٿيو. ان معاملي تي ڪيتريون ئي ايف آءِ آرز داخل ٿي چڪيون آهن.