پوليس عملدار وڏيرن،سردارن جي ڪمداري پيا ڪن:سجاد چانڊيو

حيدرآباد: نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو، آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي هڪ خط جاري ڪيو آهي.  جنهن ۾ هن لکيو آهي ته اوھان کي گذارش ٿي ڪجي ته سنڌ پوليس مٿان عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ اوھان جي ماتحت پوليس آفيسرن جو اخلاقي معيار بھتر ڪرڻ لاءِ لازمي آھي ته جنھن مھل اعلي پوليس عملدار ڪنھن وڏيري، سردار، ميمبر يا اُن جي اولاد يا واٺن جي ذاتي خدمت ۾ مشغول ھُجي ته اُن مھل سندس خدمتن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿيڻ نه ڏنو وڃي يا جي ائين ٿي به وڃي ٿو ته پوءِ اھو مواد وائرل ٿيڻ کان بچايو وڃي. سنڌ ۾ ھر ٻئي ڏينھن اعلي پوليس عملدارن کي وڏيرن، ميمبرن سامھون جھڪندي ڏسي يا سرعام روڊ، رستن تي انھن پاران يا انھن جي اولاد پاران محنتي پوليس آفيسرن جي تذليل ٿيندي ڏسي ايماندار پوليس آفيسرن جو سچ پچ مورال ڪري پوندو آھي. پوليس يا پوري اداري جو مورال اُن وقت به ڪري پوندو آھي. جنھن مھل اوھان جھڙو آفيسر مقتول ڌرين بدران جوبدار ڌرين جي دفاع ۾ دليل ڏيڻ شروع ڪندو آھي. سنڌ پوليس جو ونھوار ھلائڻ لاءِ پوليس رولز 1934سميت مختلف قانون موجود آھن. جن کان اوھان سميت کوڙ سارا معزز پڙھيا لکيا واقف ھوندا  انھن تي عمل کي يقيني بڻائڻ سان به پوليس جو مورال بحال ٿي سگھي ٿو۰

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.