حيدرآباد: پوليس آفيسرن پاران وڪيلن جي احتجاج بعد احتجاجن موڪل جون درخواستون ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو پوليس آفيسرن جي موڪلن واري درخواستن بابت تبصرا ڪندي لکي رهيا آهن ته ڪاش پوليس آفيسر وڏيرن، سردارن ۽ سگهارن ماڻهن جي اڳيان پٺيان گهمڻ ۽ سندن خواهش موجب ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري به موڪلن جون درخواستون ۽ استعفائون ڏين. پوليس آفيسر ان ڏينهن به موڪل جون درخواستون ڏين ها جنهن ڏينهن تي هڪ سگهاري ڪاموري جي پٽ پوليس آفيسرن جي بي عزتي ڪئي هئي. پوليس آفيسر ان ڏينهن به موڪل جون درخواستون ڏيڻ جي جرئت ڪن جڏهن وڏيرا ۽ سردار سندن ذاتي پروگرامن ۽ جلسن ۾ هنن کان مزدوري جهڙو ڪم وٺن.