حيدرآباد ۾ وڪيلن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ برقرار،پوليس آفيسرن پاران احتجاج طور موڪل جون درخواستون

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي وڪيلن ۽ پوليس وچ هلندڙ تڪرار وري نئون رُخ اختيار ڪري ويو آهي. هڪ وڪيل تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ وڪيلن جي ردعمل ۽ سخت احتجاج کانپوءِ هاڻ وري پوليس اهلڪارن به احتجاج جو انوکو طريقو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ايس ايس پي آفيس اندر وڪيلن جي ٿيل احتجاج کانپوءِ حيدرآباد جي ايس پي هيڊ ڪواٽر، 15 ڊي ايس پيز ۽ 24 ٿاڻن جي ايس ايڇ  اوز، 4 پوليس پوسٽن ۽ مختلف برانچن جي انچارجن موڪل جون درخواستون ڏيندي ڪجهه ڏينهن لاءِ فرض نڀائڻ کان معذرت ڪئي آهي. پوليس آفيسرن احتجاجن هڪ مهينو موڪل جون درخواستون ڏنيون آهن. اهي سموريون درخواستون ايس ايس پي آفيس ۾ جمع ڪرايون ويون آهن، درخواستون سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي ويون آهن. درخواستن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڪيلن ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ ايس ايس پي آفيس ۾ گهڙي ڌرڻو هنيو، پوليس آفيسرن خلاف بد زباني ڪئي وئي، وڪيلن جي اهڙي رويي سبب عام ماڻهن ۾ پوليس جو غلط تاثر پيدا ٿيو آهي ۽ پوليس ۾ مايوسي ۽ احساس ڪمتري وارو اثر محسوس ٿي رهيو آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ ڊيوٽي ڏيڻ مشڪل آهي، موڪل ڏني وڃي. موڪل جون درخواستون ايس ايس پي اڃا تائين منظور نه ڪيون آهن. ياد رهي ته اربع جي ڏينهن وڪيلن پاران ٽنڊوالهيار سان تعلق رکندڙ وڪيل ايڊووڪيٽ علي رضا بوزدار مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج دوران پوليس آفيسرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي هئي ۽ گذريل رات دير تائين وڪيلن جو احتجاج جاري رهيو هو. ان حوالي سان ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي آفيس ۾ ٿيل احتجاج جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان سيشن جج ۽ بار ڪائونسل کي خط لکي ڪارروائي جو چونداسين.  هوڏانهن ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو چيو آهي ته وڪيلن فيور نه ملڻ تي چڙهائي ڪئي، هن چيو ته جيڪا به قانوني ڪارروائي ٺهي پئي اها پوليس ڪئي، ان کانپوءِ وڪيلن جي ڪجهه گروپن فيور گهرڻ شروع ڪئي،جڏهن هنن کي فيور نه ملي ته هنن ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس تي حملو ڪيو، اسان ان سڄي معاملي کي ڏسون پيا، هاءِ ڪورٽ جي ايم اي ٽي سان به رابطو ڪري رهيا آهيون، جيڪا به قانوني ڪارروائي هوندي اها اسان ڪنداسين، گذريل ڏينهن اسان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو، وڪيلن اسان جي پرائيم آفيس تي ڪاهه ڪئي اسان ان تي ايڪشن به کڻي سگهون پيا، پر اسان صورتحال کي خراب نه پئي ڪرڻ چاهيو، اسان وڪيلن سان ڪا به زيادتي ناهي ڪئي، اسان ڪوشش ۾ آهيون ته ان معاملي کي قانوني طريقي سان ڏسون، اداري مان 30 کان 35 آفيسر آهيان هئا جن موڪل جي درخواست ڏني مون انهن کي سمجهايو اوهان پنهنجو ڪم جاري رکو، اسان قانوني طريقي سان هر شيءَ کي منهن ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.