اسلام آباد (م ڊ) پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. شهري قيوم خان طرفان پيڪا ترميمن خلاف درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي. موقف اختيار ڪيو ويو ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون بنيادي حقن جي خلاف آهن، پارليامينٽ کي اختيار ناهي ته بنيادي حقن خلاف قانونسازي ڪري سگهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فل ڪورٽ نه رڳو ترميمون پر اصل پيڪا ايڪٽ جو به بنيادي حقن جي ڏس ۾ جائزو وٺي. درخواست ۾ پيڪا ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ ٺاهڻ ۽ ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي.