خيرپور(رپورٽ: عبدالمتين مھر) پيراڻي حويلي جي دٻاءُ بعد راڻي پور جي پيراڻي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ نينگري جي غريب امڙ مبينا طور تي جوابدارن سان ٺاهه ڪري ڇڏيو، ڪالهه فورٿ ايڊيشنل سيشن جج خيرپور جي عدالت ۾ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪيس جي فريادڻ ۽ فاطمه جي ماءُ شبنم پاران لکت ۾ بيان جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته جوابدارن سان ٺاهه ٿي ويو آهي آهي، جيڪڏهن عدالت جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ٿي ته کيس ڪو به اعتراض ناهي، عدالت فاطما جي ماءُ جي لکت ۾ بيان بعد ٻنهي ڌرين کي طلب ڪندي ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته 9 سالن فاطمہ ڦرڙو راڻي پور جي پيراڻي حويلي ۾ ڪم ڪندي ھئي ۽ 2023 ۾ تشدد ۽ زيادتي بعد سندس لاش مليو هو ۽ فاطمہ جي امڙ قتل جو ڪيس جوابدارن سيد فياض شاهه، سندس زال حنا شاہ ۽ امتياز ميراثي خلاف داخل ڪرايو هو، عوام جي احتجاجن بعد پوليس نيٺ بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪيو، هوڏانهن ساڃاهه وند فاطمہ ڦرڙو جي امڙ جي اهڙي عمل تي حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو فاطمہ ڦرڙو جي ڪيس سان انصاف نه آھي ۽ شايد شبنم ڦرڙو دٻاءُ ۾ اچي اهڙو فيصلو ڪيو آهي.