عمران خان صاحب کي به گذارش آهي ته پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري

رپورٽن موجب پي ٽي آءِ  جي باني عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي خط لکي ان کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي. عمران خان آرمي چيف کي 6 نُڪتن تي ٻڌل خط لکيو آهي.جنهن جو پهريون نُڪتو چونڊن ۾ فراڊ ۽ مني لانڊرز کي ڪامياب ڪرائڻ، ٻيو نُڪتو 26 هين آئيني ترميم بابت، ٽيون القادر ٽرست ڪيس ۽ پيڪا بابت آهي. چوٿون نُڪتو پي ٽي آءِ  خلاف دهشت گردي جي ڪيسن، ڇاپن ۽  مٿن گوليون هلائڻ ۽ پنجين نُڪتي ۾ انٽليجينس ادارن جي ڪم جو ذڪر ٿيل آهي. ڇهون نُڪتو عدالتي ڪميشن جوڙڻ آهي خط ۾ عمران خان لکيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ انهن سان گڏ بيٺي  آهي جيڪي  ٻه ڀيرا اين آر او سيٽل رهيا آهن. هن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ  جي پاليسين سان  فوج ۽ قوم ۾ ويڇا پيدا ٿيا آهن سو پاليسين ۾ تبديلي وقت جي اهم ضرورت آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاليسيون تبديل ڪري آئين ۽ قانون موجب رکيون وڃن ته جيئن سياسي عدم استحڪام ختم ٿئي ۽ معاشي استحڪام ڏانهن وڌي.

هن ايڊيٽوريل جو جيڪڏهن ڪو ٻيو عنوان رکجي ته اهو هي ٿيندو ته ” هي اين آر او وٺڻ جي ڪوشش ته ناهي؟“  اهو عمران خان جيڪو پنهنجي حڪومت ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي اڳواڻن کي مهڻا ڏيندو هو ته  جيڪا منهنجي  حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا تنهن جو مقصد اهو آهي ته ساڻن ڳالهائي  کين اين آر او  ڏجي سو هاڻي جيل مان پاڻ سڌو سنئون موجوده آرمي چيف کي خط لکي اڻ سڌي طرح اين آر او نه ٿو گهري.؟ عمران خان ان خط ۾ جن پاليسين تي چيف  آف آرمي اسٽاف کي نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي سي سڀ جون سڀ پي ٽي آءِ  سان ئي سلهاڙيل آهن  ته  انهن تي نظر ثاني ڪئي وڃي. ان کان اڳ به عمران خان ۽ پي ٽي آءِ  جي اڳواڻن جو خيال هوندو هو ته ڳالهيون  ڪبيون ته  اسٽيبلشمينٽ سان، حڪومت سان ڳالهائڻ  جو ڪو فائدو ناهي ڇاڪاڻ ته  صاحب اختيار حڪومت نه پر اسٽيبلشمينٽ آهي.  ان کان اڳ عمران خان جڏهن طاهر القادري سان گڏ اسلام آباد  جي ڊي چوڪ تي ڌرڻو ڏنو هو ته  تڏهن به  سرعام ڌرڻي ۾ آيل ماڻهن جي سامهون تڏهوڪي چيف آف آرمي سان ملڻ ويو ته هن مون کي گهرايو آهي ۽ ان سان ملڻ کانپوءِ واپس اچي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيائين. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان اندر اقتداري طاقت جو سرچشمو اسٽيبلشمينٽ کي سمجهيو ويندو آهي ۽ هر اقتداري جماعت ان جي ئي فيصلائتي حمايت سان اقتدار ۾ ايندي آهي، اها به حقيقت آهي ته هر اقتداري جماعت جو لڪ ڇپ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان رابطو رهندو آهي پر جيئن پي ٽي آءِ  ظاهرظهور طور اسٽيبلشمينٽ سان رابطو  ڪندي رهي آهي ۽ پارلياماني سياست کي طاقت جو سرچشمو سمجهڻ بدران اسٽيلبشمينٽ کي عالم آشڪار قرار ڏيندي رهي آهي  ايئن ٻي ڪنهن به اقتداري جماعت اظهار نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ائين ڪنهن سياسي قيديءَ  جيل مان کلي عام چيف آف آرمي اسٽاف  کي ائين خط لکيو آهي.

بهرحال اسان جي هن ايڊيٽوريل جو بنيادي مقصد اهو آهي ته جيئن عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي پي ٽي آءِ ڏانهن اختيار ڪيل پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي تئين اسان به عمران خان کي مشورو  ڏينداسين  ته اهو به پرو اسٽيبلشمينٽ واري پنهنجي پاليسيءَ تي نظرثاني  ڪري  پرو پارليامينٽ پاليسي اختيار ڪري ۽ اسٽيلبشمينٽ بدران پارلياماني سياسي جماعت ۽  چونڊيل حڪومت  سان ڳالهيون ڪري. ائين ڪندو ته  هو جمهوري ۽ پارلياماني  سياسي اڳواڻ سمجهيو ويندو پر جيڪڏهن هو اسٽيبلشمينٽ کي اصل  طاقت تسليم ڪرڻ ۽  ان طاقت  کي هٿي ڏيڻ جي پاليسين تي هلندو ته اهو ملڪي تاريخ ۾ غير جمهوري ۽ غير پارلياماني سياستدانن ۾ ڳڻيو  ويندو.

عمران خان اها خوش نصيبي آهي ته ڪرڪيٽ جي ڪري هو عوام جو هيرو بڻيل آهي ۽  ان هيروشپ کيس حڪومت ۾ آندو. ٻيو ته هن تبديلي جو جيڪو نعرو ڏنو هو ۽ پنهنجي چونڊ تقريرن ۾ جيڪي ڳالهيون ۽ وعدا ڪندو هو تن تان جڏهن هو اقتدار ۾ اچي  ڦرندو رهيو ته سندس مقبوليت ۾ ڪمي اچڻ لڳي ۽  پوءِ  عوام تي اهو واضح ٿيڻ لڳو ته پي ٽي آءِ  جي تبديلي جو نعرو صرف ۽ صرف مسلم ليگ ۽ پ پ کي اقتدار کان روڪڻ آهي. اها اصل ۾ عوامي ۽ جمهوري پاليسي ناهي. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ  کي ٻين اقتداري جماعتن جو به مئنڊيٽ اسپورٽس اسپرٽ تحت  تسليم ڪرڻ گهرجي، اهو ئي جمهوري  رويو آهي.  جڏهن ته عمران خان جي سياست جو گهرائي مان جائزو وٺبو ته اهو به نظر ايندو ته هو هڪ جماعتي نظام يعني صدارتي نظام جو قائل آهي جنهن جي ڪوشش هن جنرل فيض حميد سان گڏجي ڪئي هئي. ڪن تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته 9 مئي وارو واقعو موجوده نظام تي حملو هو، بغاوت هئي جنهن جو مقصد عمران خان جي ذريعي ملڪ اندر صدارتي نظام لاڳو ڪرڻو هو.

اهي جائزا جيتوڻيڪ اڻ تصديق جوڳا آهن ۽ ضروري ناهي ته اهي صحيح هجن پر اها به حقيقت آهي ته هن ملڪ جو اصل نظام پارلياماني آهي ۽ آئين ۾ صدارتي نظام جي گنجائش ناهي تنهن ڪري عمران خان کي  پنهنجي انهن سياسي پاليسين تي نظرثاني  ڪري نج پارلياماني  ۽ جمهوري پاليسيون اختيار ڪرڻ گهرجن ۽ پارليامينٽ اندر ويٺل سياسي جماعتن سان گڏ پارليامنيٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. عمران خان جي سياسي بقا ۽ سياسي تاريخ  به ان ۾  آهي.  ملڪ ۽  عوام جو مفاد به ان ۾ آهي باقي آمراڻي ۽ مارشل لائي سياست ۾ ڪنهن به قسم جي عزت ناهي تنهن ڪري پي ٽي آءِ  ۽ عمران خان جي حامين کي به گهرجي ته اهي  قيادت کي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني جو چون ۽  سياسي استحڪام لاءِ انتشاري سياست کي خدا حافظ چون ۽ پارليامينٽ کي ئي طاقت جو سرچشمو سمجهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.