سنڌو تي ڌاڙي خلاف قومي عوامي تحريڪ جو نئون ڪوٽ کان جهڏي تائين پنڌ مارچ

نئون ڪوٽ/ جھڏو(نمائندا) سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال رٿا، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ٻئي ڏينھن گلن واري موري کان نئون ڪوٽ، اڪوٽو شاخ، سم موري، روشن آباد، نبي سر موڙ ۽ ٻين ھنڌن تان ٿيندو جھڏو پھتو، جتي مارچ جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو، مارچ جي اڳواڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، انور نوحاڻي، ضلعي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، زاھد گل اوٺو، حيدر ڀٽي، راجيش ڪمار، لالجي ڪولھي، انور فوجي ۽ ٻين ڪئي،  ريلي ۾ جھڏو ڀرسان سوين ھاري ڪوڏرون کڻي مارچ ۾ شامل ٿي ويا،  مارچ جو مختلف ھنڌن تي استقبال ڪيو ويو، مارچ اڄ ٽئين ڏينھن تي جھڏو کان انب ڀيل اسٽاپ تي پھچندو،  مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ چولستان سميت 6 ڪئنال سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن آھن، انتهاپسند ۽ ڪرپٽ حڪمران پاڪستان کي ڪمزور ڪري رھيا آھن، سنڌو درياھ تي ھرگز ڌاڙو برداشت نہ ڪيو ويندو، وفاقي وزير ڪوڙ ھڻي رھيا آھن تہ اھي پنھنجي حصي جي پاڻي کي استعمال ڪندا، انور نوحاڻي چيو ته سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪيو ويو آهي، آبادگار بدحال ٿي ويا آھن، فصلن جو اگھ نٿو ملي، ڪئنال ڪڍيا ويا تہ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي، زاھد گل اوٺو، شوڪت نوحاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ دشمن 6 ڪئنال ٺھيا ته سنڌي ماڻھو اڃ ۽ بک مري ويندا، زراعت ختم ٿي ويندي، اسين ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.