سهولتن جي کوٽ:ميرپورخاص ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ کان انڪار

ميرپورخاص/ٽنڊوالهيار(رپورٽ: صالح اوٺو+ حسرت لغاري) ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي حسين بخش مري، سنڌڙي ۽ ميرپورخاص جي 500 کان وڌيڪ خاندانن ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتن جي عدم فراهمي تي احتجاج طور پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي پوليو ٽيمن کي ڳوٺن مان واپس موڪلي ڇڏيو، جنهن بعد پوليو جي ٽيمن اهڙي رپورٽ ضلع انتظاميا ۽ صحت کاتي کي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي ضلعي ۽ صحت کاتي جي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي آهي، هنگامي اجلاس گهرائي ڳوٺاڻن کي راضي ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص جي ترجمان خالد خان رابطي تي ٻڌايو ته جن ڳوٺن ۾ رهواسين پنهنجن ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو آهي انهن جون اين جي اوز جي امداد ورهائڻ ۾ نظرانداز ڪرڻ سميت ٻيون شڪايتون آهن جن کي حل ڪرڻ ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاء ڊپٽي ڪمشنر پاران جوڙيل ٽيمون ويون آهن.هوڏانهن ٽنڊوالهيار جي يوسي راوت لغاري جي ڳوٺ محمد رحيم گپچاڻي جي ڳوٺاڻن بطور احتجاج پنھنجن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته صاف پاڻي نه ملڻ سبب اسان جي ڳوٺ جا ماڻھو ھيپاٽائٽس ۾ وٺجي ويا  آھن پر عوامي نمائندا مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. ان لاءِ ٻارڙن کي بطور احتجاج پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين ۽ موت بھتر آھي. پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ڳوٺ ۾ آيل پوليو ٽيم شام  5 بجي تائين ڳوٺ ۾ ويھي انتظار ڪرڻ کان پوءِ مايوس واپس رواني ٿي وئي. ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او سيد  آصف شاهه سان رابطو ڪيو ويو پر ھن ڪال نه کنئي ۽ ميسيج ۾ جواب ڏنو ته ڊي سي صاحب سان ميٽنگ ۾ آھيان. آل سنڌ ليڊي ھيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين سنڌ جي مرڪزي صدر حليمان ذوالقرنين ڳوٺاڻن پاران ڦڙا نه پيارڻ جي تصديق ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.