ايشون چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ تبديليءَ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

چنائي(ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي آل رائوندڙ روي چندرن ايشون چيمپيئنز ٽرافي جي ڀارتي اسڪواڊ ۾ ورون چڪرورتي جي شموليت جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي.
روي ايشون جو خيال آهي ته جيڪڏهن ورون چڪرورتي ون ڊي فارميٽ ۾ به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو ته اجيت اگرڪر جي سليڪشن ڪميٽي چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ اسپنر جي شموليت لاءِ اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار ڪري سگهي ٿي.
پنهنجي يوٽيوب چئنل تي ڀارتي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي تي تبصرو ڪندي اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته سڀ ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته هن کي ( ورون ) کي چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ ۾ هئڻ گهرجي ها.
ايشون چيو ته ورون وٽ هڪ موقعو آهي جنهن مان لاڀ حاصل ڪري هو اسڪواڊ جو حصو بڻجي سگهي ٿو، ڇو ته سڀني ٽيمن وقت اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي.
ايشون چيو ته هو سمهجهي ٿو ته انگلينڊ خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ورون کي کيڏڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو، هن اڃا تائين هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، سليڪٽرز کي آزمائڻ جي ڪوشش ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.